پائلٽ جي غلطي سان جهاز رن وي بدران ڄميل درياهه تي لهي پيو

هڪ پائلٽ جي غلطي سان مسافر جهاز رن وي بدران ڄميل درياهه تي لهي ويو.

اهو حيران ڪندڙ واقعو روسي شهر ياڪوتسڪ جي ويجهو پيش آيو.

واضح رهي ته روسي خطي سائبيريا ۾ موجود ڪوتسڪ کي دنيا جو ٿڌو ترين شهر به قرار ڏنو ويندو آهي.

پولر ايئرلائنز جي ان ننڍي جهاز ۾ 30 مسافر ۽ عملي جا 4 ڄڻا سوار هئا.

مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب پائلٽ غلطي سان ڄميل درياهه Kolyma کي ننڍو لينڊنگ رن وي سمجهي ورتو هو.

ياڪوتسڪ ويجهو Zyryanka نالي علائقي ۾ان جهاز کي درياهه تي لينڊ ڪيو ويو ۽ خوش قسمتي سان ڪو به نقصان نه ٿيو.

مسافر ۽ عملو پڌل ڪري ان درياهه جي مٿان گذري محفوظ علائقي ۾ پهتا جڏهن ته برف ۾ ڦاٿل جهاز کي ائي ڇڏي ڏنو ويو.

Russian passenger plane lands on frozen river by mistake

اهو جهاز ياڪوتڪ کان روانو ٿيو هو ۽ غلطي سان درياهه جي ڪناري تي موجود رن وي بدران ڄميل درياهه تي لهي پيو، جتي ان وقت پارو ڪاٽو 41 ڊگري سينٽي گريڊ هو.

درياهه تيموجود برف جي ٿولهه اڍائي فوٽ کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي پر تصوير مان خبر پوي ٿي ته جهاز جي ويجهو گھرا ڏار پئجي ويا هئا.

هيل تائين ان جهاز کي اتان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل نه ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ ان کي ڪو خاص نقصان ناهي پهتو.

شروعاتيجاچ رپورٽ موجب اهو پائلٽ جي غلطي جي ڪري ٿيو جنهن سبب جهاز ڄميل درياهه تي لهي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.