پهرين آءِ فون کي متعارف ٿيندي 16 ورهين کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي.
اپيل پاران هر سال آءِ نوان آءِ فونز پيش ڪيا ويندا آهن ۽ ڪروڙين ماڻهن انهن کي استعمال ڪري رهيا آهن.
آءِ فونز ۾ ڪيترائي اهڙا فيچرز موجود آهي جن مان گھڻن جي واهپيدارن کي خبر هوندي آهي پر اڃا به ڪجهه ٽِرڪس اهڙيون آهن جنهن جي خبر ڪنهن کي به هوندي.
اهڙي ئي هڪ ٽِرڪ سامهون آئي آهي جيڪا آءِ فون ڪيمرا لينس ۾ لڪيل آهي.
جاپان سان واسطو رکندڙ Sakata Yoshi ان ٽِرڪ بابت ٻڌايو.
ان ٽِرڪ مان خبر پوي ٿي ته نظر جي چشمي کانسواءِ ماڻهن جي دنيا ڪيئن نظر ايندي آهي.
هن ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ پوسٽ ۾ ان ٽِرڪ کي ظاهر ڪيو آهي.
【メガネを外した時の見え方】
カメラでメガネを通して撮影して、iPhoneなら長押しで「AE/AFロック」。そのままメガネを外せば、そのメガネをかけた人の裸眼の見え方を体験できます。 pic.twitter.com/PC0OidnPgU— よしひこ@サカタメガネ👓1級眼鏡作製技能士 (@sakata_yoshi) December 7, 2023
اهو فيچر آءِ فون AF/AE لاڪ ڪيمرا فنڪشن ۾ لڪيل آهي.
واضح رهي ته ان ٽول سان ڪيمرا فوڪس کي لاڪ ڪرڻ جي سهولت ملندي آهي.
اهو فيچر ڪيئن استعمال ڪجي؟
سڀ کان پهريان آءِ فون ڪيمرا لينس کي چشمي جي شيشن جي پٺيان رکو ۽ ويو فائنڊر ۾ ڪنهن به پاسي ان وقت تائين منظر فوڪس ڪري رکو جيستائين AF/AE لاڪ فنڪشن سامهون نٿو اچي وڃي.
ان کان پوءِ ءِ فون ڪيمرا جي ويو جي سامهون چشمو هٽائي ڇڏيو.
ائين ڪرڻ کان پوءِ اوهان ڏسي سگھندا ته چشمي کانسواءِ ماڻهن کي پنهنجي ڀرپاسي جي دنيا ڪيئن نظر ايندي آهي.
Sakata Yoshi هڪ ٻي وڊيو ۾ انهيءَ فيچر کي استعمال ڪري اهو به ڏيکاريو آهي ته ويجهو جي ڪمزور نظر جو شڪار ماڻهو چشمي کانسواءِ دنيا کي ڪيئن ڏسندا آهن.
【老眼の見え方】 を体験するには、メガネは不要です。少し離れたところにピントを合わせてAFロック。遠くは見えるのに近くの文字はボヤける。本を離すと多少見える。 pic.twitter.com/HBQEcynfWU
— よしひこ@サカタメガネ👓1級眼鏡作製技能士 (@sakata_yoshi) December 7, 2023
هن ڀيري هن ٿورو پري موجود هڪ شيءِ تي ڪيمرا کي فوڪس ڪيو ۽ پوءِ مٿي ڏنل طريقيڪار موجب AF/AE کي متحرڪ ڪيو.