ڪارونجهر معاملو: سپريم ڪورٽ ۾ قانوني جنگ وڙهڻ جو فيصلو

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) ڪارونجهر جي معاملي تي سنڌ انڊيجينيئس الائنس پاران سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اهڙو فيصلو سنڌ انڊيجينيئس الائنس جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو.

سنڌ انڊجينيئس الائنس جي اڳواڻن ڪامريڊ ابيرا اشفاق، حفيظ بلوچ، ايڊووڪيٽ عمران ڪلمتي، اختر ڪلمتي، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مهيسر ۽ شبر احمد سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو سان ملاقات پڻ ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڳوڻي سنڌ حڪومت توڙي موجوده سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ ورثو ڪارونجهر جبل کي ڪورڻ لاءِ ڏينهن رات سازشون ڪري رهي آهي جيڪا نه صرف سنڌي قوم سان دشمني آهي بلڪه ثقافت، تاريخ، جنگلي جيوت توڙي ماحوليات سان پڻ دشمني آهي جيڪا عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي آهي.

اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر جبل کي ڪنهن به قسم جي ڪٽائي کان منع نامون جاري ڪندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيل تاريخي فيصلي کي مائيننگ ڪمپنين جي چرچ تي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي ۽ ڪجهه رپين جي رشوت خاطر سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ ڪارونجهر جبل کي هن ڌرتي تان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ سانباها ڪيا پيا ڪيا وڃن.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارونجهر جبل جي بچاءُ لاءِ قانوني ويڙھ ۽ سهڪار جي دائري کي وڌائڻ لاءِ سنڌ جي وڪيلن توڙي سنڌ انڊجينيئس الائينس پاران سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ ڌر ٿي قانوني جنگ کي مضبوط ڪيو ويندو ۽ ثقافتي ورثن توڙي جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات کي بچائيندڙ عالمي ادارن سان پڻ رابطا ڪري ثقافت، تاريخ، جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات جي دشمن ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ هن سنڌ حڪومت کي وائکو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.