ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سنڌ جي اربيلي راڳي سرمد سنڌي جي 27هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد جي يگاني عاشق قومي راڳي سرمد سنڌي هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو هو، سرمد سنڌيءَ پنهنجي سريلي آواز ذريعي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ دردوند دلين جي ترجماني پڻ ڪئي، اڄ سندس 27 هين ورسي جي موقعي تي سرمد سنڌي کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، سرمد سنڌي اڄ به اسان جي دلين ۾ زندھ آهي، سرمد سنڌي جا ڳايل انقلابي گيت اڄ به اتساھ پيدا ڪن ٿا سرمد سنڌي سنڌ جو سرمايو هو، سندس گيت سنڌ جي خوشحالي ۽ محبت جي ساڀيان ھئا، سرمد سنڌي پنھنجي آواز ذريعي سنڌ جي درد کي سنڌ جي واھڻ وستي تائين پھچايو، سيد زين شاھ چيو ته سرمد سنڌي جا ڳايل انقلابي گيت اڄ به قومي ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪن ٿا، سنڌ کان سنڌ جو عاشق ڪڏھن به نه وسرندو سنڌ صدين تائين سرمد سنڌي کي ياد رکندي.