پيپلزپارٽي ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي اجھي لٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر  ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي، سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي آهي جنهن پنهنجي مسلسل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھه نه ڏنو، پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻندي آهي، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندي آهي، پيپلزپارٽي نٿي چاهي ته سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال زندگي گذارين، اياز لطيف پليجي چيو ته ٻھراڙيون سئي گيس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن، لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن، نياڻين جي اعلي تعليم جا دروازا بند آھن، صحت جون بنيادي سھولتون ناھن شھر ڪچري جو ڍير بڻيل آھن، سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن وارن ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.