شاهه محمود ڪٿي آهي، ڪا ڄاڻ ناهي ڏني وئي: مهر بانو قريشي

راولپنڊي ( م ڊ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهر بانو قريشي چيو آهي ته اسان کي اهو نه ٻڌايو پيو وڃي ته پيءُ کي ڪٿي رکيو ويو آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مهر بانو قريشي چيو ته شاهه محمود قريشي جي گرفتاري بابت ڄاڻ نه ڏني وئي، اسان کي ٻڌايو ويو ته شاهه محمود کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.مهر بانو قريشي جو چوڻ آهي ته کيس ريمانڊ تي پيش ڪيو ويندو يا نه، منهنجي والد جي گرفتاري وقت نه رتبي ۽ نه ئي عمر جو خيال رکيو ويو. هن چيو ته منهنجو پيءُ برصغير ​​جي سڀ کان وڏي جماعت جو گادي نشين آهي، ان جو به لحظ نه ڪيو ويو. مهر بانو قريشي وڌيڪ چيو ته اليڪشن وڙهڻ شاهه محمود قريشي جو حق آهي جيڪو کيس ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.