ايم ڪيو ايم جي اختر حسين نعيمي ۽ ارسلان حسين جي ساٿين سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت

ڪراچي(رپورٽر) مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان ايم ڪيو ايم نارٿ ناظم آباد جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج اختر حسين نعيمي ۽ انٽر بورڊ جي ذميوار ارسلان  حسين ملاقات ڪري ساٿيڻ سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي سردار عبدالرحيم ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي نوجوانن جو مستقبل فنڪشنل ليگ ۾ روشن آهي، ف ليگ قيادت ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن چيو ته روشنين جو شهر ڪراچي ماضي جي حڪمرانن جي خراب ڪارڪردگي سبب گندگي ۽ مسئلن جو ڍير بڻجي ويو  آهي، نوجوانن کي غلط نعرن ۾ ڦاسائي استعمال ڪيو ويو آهي، پر هاڻي ائين نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.