لاهور (عوامي اواز نيوز) پي ٽي آءِ کي عدالتن مان رليف ملڻ خاص طور سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ٿيڻ ۽ 9 مئي واقعن جي ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ملڻ سبب نواز شريف پريشان ٿي ويو آهي، صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته نواز شريف پنهنجن خدشن کان اسٽيبلسمينٽ کي به آگاهه ڪندي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي ته 9 مئي واقعا حقيقت هئا يا اها صرف ڪهاڻي آهي، جيڪڏهن واقعا حقيقت هئا ته گرفتار جوابدارن مان ڪنهن هڪ کي به 7 مهينا گذرڻ باوجود سزا ڇو نه ملي سگهي آهي. جيڪڏهن اڃا به ڪو لاڏلو آهي ته ان کي چونڊن ۾ به حصو وٺڻ ڏنو وڃي. عوام کي بيوقوف ڇو پيو بڻايو وڃي شهيدن جي بي حرمتي ڪندڙن کي آزاد ڪيو وڃي.