سپريم ڪورٽ به ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽۡ: ماريا اسماعيل)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٿرپارڪر ۾ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي ۽ کوٽائي وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي .ڪيس ۾ سنڌ حڪومت خانگي وڪيل جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن .جسٽس جمال مندوخيل  جو صوبائي حڪومت طرفان خانگي وڪيل جون خدمتون وٺڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته  سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته خانگي وڪيل پيش نه ٿو ٿي سگهي. وڪيل شنڪر ميگھواڙ اعتراض ورايو ته هي نج اڪنامڪل(اقتصادي )معاملو آهي جنهن ۾ سنڌ سرڪار جا موجود وڪيل ئي ڪيس وڙهن،خانگي وڪيل جي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سرڪار جي ڪيس ۾ خانگي وڪيل نٿو ٿي سگهي،جيڪو اعتراض برقرار رکيو ويو عدالت سرڪاري وڪيل کي روسٽرم تي طلب ڪري ورتو .جسٽس جمال مندوخيل پچاڻو ڪيو ته ڇا ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪيس هلائڻ جي اهل ناهي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پرڏيهه ۾ آهي، بئريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل مون کي پيش ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي، سول سوسائٽي طرفان درخواست داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هن وقت بئريسٽر صلاح الدين کي ٻڌي رھيا آھيون، سول سوسائٽي پنهنجي درخواست داخل ڪري،عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.بئريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي اڳ ئي ان تي ڪم ڪري چڪي آهي، ڪميٽي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽ ماهرن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عدالتي حڪمن جي ڀچڪڙي آهي. وڪيل چيو سنڌهاءِڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ حيدر آباد جو حڪم آهي ته ڪارونجهرکي تاريخي ماڳ قرارڏنو وڃي .سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته هئي حڪومت جي مرضي آهي ته هو ڪهڙي سائيٽ کي ورلڊهيريٽج قرارڏئي سگهي ٿي .بئرسٽر صلاح الدين احمد چيو ته هيرينج ۾ انسان جون ٺاهيل شيون ياوري جگهيون شامل هونديون آهن، جبل قدرتي سلسلو آهي .جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سنڌ ۾ بهاڙي سلسلو ته آهي ئي نه هي بلوچستان جو ڪيس هجي ها ته اسان نه روڪيو ها ڇو ته بلوچستان ۾ پهاڙ وڌيڪ آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.