ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ائين لڳي ٿو ته جديد سائنس ذهانت جي حوالي سان مخصوص ۽ روايتي روين جي نفي ڪندي اهڙين عادتن وارن ماڻهن کي ذهين قرار ڏئي ٿي جن جو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي.
هونئن ته ان ڳالهه سان اختلاف ناهي ته ذهين ماڻهو پنهنجي ڀرپاسي جي ساٿين جي ڀيٽ ۾ مختلف هوندا آهن پر ڇا ڪو وڏو فرق به هوندو آهي؟
جديد سائنسي رپورٽن ۾ اهڙن روين وارن ماڻهن کي وڏي ذهانت رکندڙ قرار ڏنو ويو آهي جيڪي اڪثر ماڻهن کي عجيب لڳندا آهن ۽ يا برداشت ئي ناهن ٿيندا.
مثال طور جن کي صفائي پسند ناهي هوندي، هڪ تحقيق ۾ ٻن گروپن کي گڏايو ويو، هڪ گروپ کي صاف سٿرو ماحول ٻئي کي وکريل سامان سان رکيو ويو. انهن ٻنهي گروپن کي هڪ موضوع تي آئيڊياز ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته نتيجن م ان خبر پئي ته پکريل سامان واري جاءِ تي رهندڙ گروپ جا خيال دلچسپ ۽ تخليقي هئا. محققن موجب بي ترتيبي به ماڻهن کي روايتن کان پري رکندي آهي ۽ انهن لاءِ نون خيالن جو اظهار ڪرڻ به سولو ٿي ويندو آهي.
ڪي ماڻهو چٻاڙڻ واري آواز سبب به پريشان ٿيندا آهن.
دنيا جي 20 سيڪڙو آبادي هڪ نفسياتي مرض يا مخصوص آوازن جي معاملي ۾ حساسيت جو شڪار آهي. هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته اهڙا ماڻهو تخليقي ذهن رکڻ وارا هوندا آهن، جيڪڏهن اوهان به پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن کي کاڌو چٻاڙيندي ٻڌو ٿا ۽ پريشان ٿيو ٿا ته اوهان ذهين ترين آهيو.
ذهين ماڻهن جي هڪ ٻي نشاني اها آهي ته هو پاڻ سان ڳالهائيندا آهن.
هڪ تحقيق موجب پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ فائديمند هوندو آهي ۽ ان سان ڪنهن کي بحث ۾ قائل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندا آهن انهن جو دماغ وڌيڪ اثرائتي طريقي سان ڪم ڪندو آهي ۽ سکڻ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
ذهين ماڻهو ڪنهن به شئي تان ڌيان سولائي سان هٽائي وٺندا آهن. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته ٽيڪنالاجي ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي کسي ورتو آهي پر هڪ تحقيق ۾ ان جي ابتڙ ٻڌايو ويو. شاهدين مان اشارو ملي ٿو ته ٽيڪنالاجي اوهان جو ڌيان ورهائي سگهي ٿي پر درست ماحول ۽ درست ٽيڪنيڪس جي ڪري اها شئي اوهان کي ذهين به بڻائي سگهي ٿي. ان سان ماڻهن کي ملٽي ٽاسڪنگ ۽ ترجيحون طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي جڏهن ته ان سان اطلاعات جو بهتر تجزيو به ڪري سگهجي ٿو.
رات جو جاڳڻ سٺي شئي ته ناهي پر تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته رات جو دير تائين جاڳندڙ صبح جو جلدي جاڳڻ وارن ماڻهن جي ڀيڻ ۾ وڌيڪ آءِ ڪيو ليول رکن ٿا، ائين چئجي ته اهي ذهين هوندا آهن.
هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته خاڪا ٺاهڻ سان ماڻهن جو ڌيان ڏيڻ، نوان تصور ذهن ۾ آڻڻ ۽ ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، يعنيٰ خاڪا ٺاهڻ به تخليقي صلاحيتون وڌڻ جي نشاني آهي پر اهي ڪيترا ذهين هوندا آهن اهو سائنس ناهي ٻڌايو…….