ن ليگ، پي ٽي آءِ کي الڳ رکڻ جي ڪوشش جو جواب ڏيندي؟ ناصر شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ اسان کي تحريڪ انصاف مان ڪو خطرو ناهي، هر جاءِ تي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان هڪ ڏينهن به چونڊن ۾ دير نٿا چاهيون.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي هاڻ ڳالهه ناهي رهي، پ پ کي ڪنهن چونڊن ۾ فيور ناهي ملي، پ پ جو فيور وٺڻ جو تصور غلط آهي، اسان نه اڳ لاڏلا بڻيا آهيون ۽ نه بڻجنداسين، عوام جا لاڏلا آهيون ۽ رهنداسين.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ وارا جيڪڏهن عوامي پروسيس ڪن ها ته هنن حالتن کي منهن نه ڏين ها.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ ڇو پي ٽي آءِ کي الڳ رکڻ چاهي ٿي، ان جو جواب هو ڏيندا؟ حالتون اها گهر ڪن ٿيون ته چونڊن کانپوءِ ٺهندڙ حڪومت ۽ اپوزيشن تعميري ڳالهه ٻولهه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.