ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي پيارن کي وڃائڻ ڪنهن به انسان لاءِ دردناڪ هوندو آهي پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اڪثر موت ڏانهن ويندڙ انسان جي چهري تي انتهائي سڪون ۽ اطمينان هوندو آهي.
اوهان سوچيندا هوندا ته نيٺ موت جي ٻه واٽي تي انسان جي دماغ ۾ ڇا هلي رهيو آهي جو هو موت جي ويجهو به ايترو پرسڪون آهي؟ ان حوالي سان اوهان کي پنج اهم نشانيون ٻڌايون ٿا.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته موت کان تقريبن هڪ هفتو اڳ انساني جسم ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿي ويندو آهي.
موت جي ويجهو ايندي ايندي انسان جي صحت متاثر ٿيڻ لڳي آهي پر ان جو مطلب بلڪل اهو ناهي ته چڱو ڀلو انسان سنهڙو ٿي وڃي، پر اهو مطلب آهي ته جسم ۾ ڪمزوري محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويندي.
هلڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ لڳيندي ۽ اندروني نظام سست ٿيڻ جي ڪري رڳو سستي ۽ آرس طاري هوندو. آخري وقت ۾ کائڻ پيئڻ ڏکيو لڳندو آهي، انهن علامتن کي ڏسي سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي ڪنهن انسان جي زندگي رڳو ڪجهه ڏينهن جي آهي.
گهڻا ماڻهو هن عمل مان هڪ ئي ڏينهن ۾ گذرندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو زندگي ۽ موت وچ ۾ ڪيترائي ڏينهن وڙهندا رهندا آهن، ۽ اها صورتحال مائٽن لاءِ تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي.
اڪثر ماهر سمجهن ٿا ته جيئن جيئن موت جي گهڙي ويجهو ايندي آهي، جسم ۾ دٻاءُ پيدا ڪندڙ ڪيميڪل وڌي ويندا آهن
مرڻ کانپوءِ انساني جسم جو رنگ ڦڪو ٿيڻ جو سبب اهو آهي ته موت بعد رت جي گردش بيهي ويندي آهي، 7 کان 12 ڪلاڪن بعد انساني جسم جا عضوا رت نه ملڻ سبب ڇڪجي ويندا آهن.
جڏهن رت رڳن ۾ ڊوڙيندي آهي ته جسم ۾ ڳاڙهاڻ نظر ايندي آهي پر جڏهن دل بند ٿي ويندي آهي ته جسم جو رنگ به ڦڪو ٿي ويندو آهي.
ٻڌائيندا هلون ته اڪثر مرندڙ جي چهري تي مرڪ، خوشي يا اطمينان جو احساس ڇو هوندو آهي.
دماغ ۾ هڪ هارمون هوندو آهي جنهن کي سيروٽونن چوندا آهن ۽ هي اهو هارمون آهي جنهن سان مرندڙ کي ويندي ويندي خوشي ٿيندي آهي.
سولن لفظن ۾ ٻڌايون ته دماغ مان خارج ٿيندڙ سيروٽونن هارمون خوشي جو احساس ڏياريندو آهي، هڪ تحقيق موجب 6 ڪوئن جي دماغ ۾ مرندي وقت اهو هارمون 3 ڀيرا وڌيڪ هو.
ماهرن موجب ممڪن آهي ته اهو ئي عمل انسانن ۾ به ٿيندو هجي جنهن سبب اڪثر انسان مرندي وقت چهري تي خوشي جا تاثرات کڻي ويندو آهي.