راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مان 17 ڀيرا وزير رهيس پر ڪڏهن ڪرپشن جو الزام نه لڳو.راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڄ منهنجا ۽ راشد شفيق جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن، مان 6 کان 7 مخالف ته ڏٺا هئا پر هن ڀيري منهنجا مخالف 44 اميدوار آهن.هن چيو جيڪڏهن خدا کي منظور ٿيو ته پهرين جنوري کان چونڊ مهم شروع ڪندس، گهٽي گهٽي ۾ مهم هلائيندس ۽ جلسو رڳو 6 فيبروري تي هڪ ئي ڪندس.سندس چوڻ هو ته مان اصلي ۽ نسلي آهيان، پي ڊي ايم خلاف عوام ۾ ويندس.