مظفر ڳڙهه (م ڊ) مظفر ڳڙهه ۾ ن ليگ اميدوار جي حمايت کان قرآن پاڪ تي حلف وٺڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. تحريڪ انصاف ڇڏي ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ باسط سلطان بخاري اين اي 176 ۽ اين اي 177، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 272 ۽ 273 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. باسط سلطان بخاري جي حامين کان قرآن پاڪ تي حلف جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو قرآن پاڪ تي حامين کان حلف وٺي رهيو آهي. ان حوالي سان باسط سلطان بخاري چيو ته مخالف اسان جي سياسي قوت جي حوالي سان پروپئگنڊا ڪري رهيا هئا ته اڳوڻي چيئرمينز خواهش تي انهن کان حلف ورتو، حلف جو مقصد مخالفن جي پروپئگنڊا جو جواب ڏيڻ هو.