قرآني آيتون ۽ مذهبي مواد لکڻ غيرقانوني قرار: اي سي پي جو پئمانو

اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن چونڊ اميدوارن جي بينرز لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيو آهن. ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ سياسي پارٽين ۽ آزاد  اميدوارن جا بينرز ڇاپڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان تجويز ڪيل سائيز کان وڏا پوسٽرز، هينڊ بلز، پمفليٽ، بينرز يا پورٽريٽ لڳائڻ ۽ ورهائڻ جي اجازت جي نه هوندي. پوسٽرز 18 انچ ڊگهو 23 انچ کان وڌيڪ ويڪرو نه هجي. هينڊ پمفليٽ، 9 انچ ڊگهو ۽ 6 انچ ويڪرو هجي بينرز 3 فٽ ڊگهو ۽ 9 انچ کان وڌيڪ ويڪرو نه هجي. پورٽريٽ 2 فٽ ڊگهو ۽ 3 فٽ ويڪرو ٿي سگهي ٿو. پبلشر جو نالو ۽ ايڊريس پوسٽرز، هينڊ بلز، پمفليٽ، بينرز ۽ پورٽريٽ تي لکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته قرآني آيتن سميت مذهبي مواد کي لکڻ غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.