ميرپورخاص کي بجلي جي لوڊشيڊنگ فري زون بڻايو ويو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي موقعي  تي ميرپورخاص شهر کي بجلي جي لوڊشيڊنگ فري زون بڻايو ويو آهي جيڪا خوشي جوڳي ڳالهه آهي. ڪراچي مان وڊيو لنڪ ذريعي ميرپورخاص کي باقاعده لوڊشيڊنگ فري زون بڻائڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مقبول باقر چيو ته  ميرپورخاص جي سمورن 16 فيڊرز تي ڪومبنگ جو ڪم ڪيو ويو آهي، جن ۾ ميٽرن جي سيڪنگ، ٽرانسفارمرن کي محفوظ ڪرڻ، پولز ۽ تارن کي درست ڪرڻ/سڌو ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم پڻ ڪندا رهيا، جتي نقصان 30 سيڪڙو هئا جنهن کي گهٽائي 17 سيڪڙو آندو آهي ۽ اوڳاڙي پڻ وڌي وئي آهي. تقريب ايس اي حيسڪو آفيس ميرپورخاص ۾ ٿي، جنهن ۾ توانائي ۽ بجلي واري وفاقي وزير محمد علي ۽ وفاقي سيڪريٽري انرجي راشد محمود لنگڙيال وڊيو لنڪ ذريعي اسلام آباد مان شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي ايڊيشنل سيڪريٽري انرجي اينڊ پاور حسن نقوي، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل عقيلي، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد مسعود، سي اي او حيسڪو بشير احمد گجر، ايس ايس پي عادل ميمڻ، ايس اي حيسڪو رشيد احمد انصاري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.