عوامي تحريڪ جي 10 اميدوارن پاران صوبائي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ جمع

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي 10 اميدوارن صوبائي اسيمبلي جي مختلف تڪن تان نامينيشن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا. کين پارٽي جي  ٽڪيٽ به ملي وئي آهي. گليل جي نشان تي عوامي تحريڪ جا اميدوار چونڊ مهم لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن، عوامي تحريڪ طرفان اليڪشن منشور ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ماهه نور ملاح ۽ محمد علي ٽالپر گڏيل بيان ۾ ڪيو آهي ته اليڪشن مهم سان گڏ زمينن تي قبضن خلاف هلندڙ جدوجهد به جاري رکي ويندي،  اڳواڻن چيو ته مٺي جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 55 تي اوڀايو جوڻيجو، گولاڙچي جي پي ايس 72 تي محمد علي ٽالپر، تلهار جي پي ايس 69 تي مهراڻ درس، ايڊووڪيٽ فاضل زئور ٽنڊوباگو جي پي ايس 70، ميرپور خاص جي پي ايس 48 تي امير بخش جروار، نوشهروفيوز جي پي ايس 35 تي ايڊووڪيٽ غلام رسول ڀنگر، ٽنڊوالهيار جي پي ايس 58 تي ايڊووڪيٽ سائين بخش جروار، شهدادپور جي پي ايس 44 تي راڻو خان ڪنڊاڻي، ساماري جي پي ايس 49 تي هريش مالهي، نوشهروفيروز جي پي ايس 34 تي ايڊووڪيٽ سڪندڙ علي سولنگي نامينيشن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي زمينن جو تحفظ ۽ زمينون مفت ۾ هارين کي ڏيڻ عوامي تحريڪ جي اليڪشن منشور جو اهم حصو آهي. ڪينجهر، ڪارونجهر، کير ٿر، گورک، گنجي ٽڪر سميت سنڌ جي سمورن سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن جي تحفظ جي ضمانت کي به عوامي تحريڪ پنهنجي منشور ۾ شامل ڪيو آهي. ماحوليات، زراعت، سنڌو درياءَ جي وهڪرن کي روان دوان رکڻ لاءِ واضع پاليسيون به عوامي تحريڪ جي اليڪشن منشور ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.