اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هٽايو ويو، نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري خرم آغا اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري کي خط موڪلي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد جي بدلي لاءِ آفيسرن جي پينل جي سفارش ڪري. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جي تجويز صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن سمري ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن احد چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.