ڪراچي جي 22 قومي ۽ 47 صوبائي سيٽن تي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 47 سيٽن تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ  جاري آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ عورتن جي مخصوص ۽ اقليتي سيٽن تي به اسڪروٽني جو عمل هلي رهيو آهي. پيپلز پارٽي اميدوار سينيٽر سليم مانڊي والا جا اين اي 240 تي نامزدگي ڪاغذ جاچ پڙتال بعد منظور ٿي ويا آهن. پيپلز پارٽي جي اين اي 242 جي اميدوار عبدالقادر مندوخيل ۽ پي ايس جي اميدوار بئسريٽر منظور خان جي ڪاغذن جي اسڪروٽني مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. رٽرننگ آفيسر ڏکڻ پيپلز پارٽي اميدوار اين اي 241 جي اميدوار مرزا اختيار بيگ کي اڄ صبح ساڍي 11 وڳي طلب ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر آسيه اسحاق جا اين اي 232 جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. پيپلز پارٽي جي اميدوار اين اي 248 تي فيضان راوت جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا جڏهن ته  پيپلز پارٽي جي مخصوص سيٽ جي اميدوار تنزيله قمبراڻي جا نامزدگي ڪاغذ به اليڪشن ڪميشن منظور ڪري ورتا آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري ۽ سعديه جاويد جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن، سعديه جاويد  ۽ شازيه مري مخصوص سيٽن تي ڪاغذ جمع ڪرايا ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.