اسلام آباد ( م ڊ ) بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر مهارنگ بلوچ مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڪميشن ٺاهي صوبي ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڊيٿ اسڪواڊز کي ختم ڪيو وڃي ۽ گهرو وزارت پريس ڪانفرنس ڪري اهڙن ڏوهن تي معافي گهري. اسلام آباد ۾ پريس ڪلب ٻاهران بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچ اڳواڻ مهرنگ بلوچ چيو ته هي احتجاج بلوچستان جي عوام جي حقن لاءِ آهي، اسان اسلام آباد لانگ مارچ جي صورت ۾ آيا آهيون، عورتون به اسان سان گڏ آهن. هن چيو ته جبري گمشدگين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تربت کان اسلام آباد آيا آهيون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته جبري گمشدگين ۽ بلوچ عوام جي قتل عام خلاف سخت قدم کنيا وڃن. هن چيو ته پنجاب پوليس ڊيرا غازي خان ۾ مظاهرين تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ کين گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، بلوچ عورتن ۽ مظاهرين کي اسلام آباد پهچڻ تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث سي ٽي ڊي ۽ ٻيا ادارا بند ڪيا وڃن. ٻئي پاسي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب سامهون احتجاج تي ويٺل ماءُ پنهنجي پٽ جي جدائي جو درد بيان ڪندي روئي ويٺي. خابرو اداري بي بي سي سان ڳالهائيندي بلوچستان جي علائقي مستونگ واسڻ راج بيبي جو چوڻ هو ته 14 سالن کان پٽ ذاڪر جو انتظار ڪري رهي آهيان. سندس مڱڻي لاءِ ڇوڪري به ڳولي آهي، سندس شادي جو سامان گڏ ڪيو اٿم. مان ان ڪمري ۾ ناهيان ويندي جتي سندس سامان رکيل آهي، اسان جو گهر تباهه ٿي ويو. راج بيبي چيو ته هن وقت به هوءَ انهن 100 کان وڌيڪ عورتن ۾ شامل آهي، جيڪي بلوچستان مان بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شريڪ ٿيون، جن جون دليون پنهنجن پيارن سان گڏ آهن. هن چيو ته8 جون 2009ع تي پٽ ذاڪر مجيد کي مستونگ مان کنڀيو ويو ۽ ان وقت سندس مڱڻي جون تياريون ٿي رهيون هيون. الله کان دعا آهي ته ساڻس ڪجهه غلط نه ٿيو هجي.