حيدرآباد: اياز ميلي جي ٽئين ڏينهن مک اسٽيج واري ھال ۾ 2 شاگردياڻيون، بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي بازيابي ۽ ڪوڙن مقابلن ۾ بلوچستان جي نوجوانن کي مارڻ خلاف احتجاج ڪندڙ مھار رنگ بلوچ سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ جي لاءِ ھڪ پلي ڪارڊ کڻي بيٺل رھيون. ان موقعي تي شاگردياڻين رابيا جمالي ۽ عڪس بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ اسلام آباد ۾ بلوچستان جي پرامن احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا. ھنن چيو تھ پر امن احتجاجي مارچ ۾ شامل عورتن ۽ ٻارڙن تي پوليس پاران ڪيل تشدد جبر ۽ ڏاڍ آهي، اسان پنھنجي بلوچ نياڻين سان يڪجهتي جو اظھار ڪريون ٿا.
ڀارتي گجرات ۾ اسرائيلي جهاز تي ڊرون حملو
ممبئي ( م ڊ ) ڀارت جي اولهه ساحلي علائقي ۾ اسرائيل سان تعلق رکندڙ تجارتي جهاز تي ڊرون حملو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي گجرات جي ساحلي علائقي ۾ اسرائيل سان تعلق رکندڙ جهاز تي ڊرون حملو ڪيو ويو. برطانوي ميري ٽائيم ڪمپني موجب ڊرون حملي جي نتيجي ۾ جهاز ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو. برطانوي ميري ٽائيم ڪمپني جو چوڻ آهي ته جهاز جو عملو محفوظ آهي، ڪيميڪل شين سان ڀريل جهاز تي آفريقي ملڪ لائبريا جو جهنڊو لڳل هو. ڀارتي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته جهاز سعودي عرب مان خام تيل کڻي ڀارتي بندرگاهه ڏانهن وڃي رهيو هو، جهاز جي عملي ۾ 20 ڀارتي به شامل آهن.
ڪراچي ۾ ٽرين مان بم هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ٽرين مان بم هٿ اچڻ واري واقعي جو ڪيس حڪومت جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. ڪيس جي متن ۾ فريادي هيڊ ڪانسٽيبل شعيب رضا جو چوڻ آهي ته هن بوگي نمبر 5 جي سيٽ نمبر 71 هيٺ هڪ شڪي بيگ ڏٺو. بوگي ۾ سوار مسافرن بيگ بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي بيگ کي ڪينٽ اسٽيشن جي هيلپ سينٽر تي پهچايو جتي بيگ کي کوليو ويو ۽ ان ۾ هڪ شڪي ڊيوائس، بيٽري ۽ تارون هيون. بيگ کي پليٽ فارم 3 تي آندو ويو ۽ ڌماڪيدار مادو ناڪارا بڻائڻ لاءِ بم ڊسپوزل يونٽ کي طلب ڪيو ويو.