اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته بلوچن سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي احتجاج ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته بلوچ بنيادي انساني حق گهري رهيا آهن پر اسلام آباد پنهنجو حق گهرندڙن تي تشدد ڪيو. هن چيو ته جبري طور گمشدگيون انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿيون، جبري طور گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ۾ ملوث آهي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ائين تشدد ۽ رنڊڪن سان نفرتون جنم وٺنديون.