اسرائيل جي غزا ۾ هڪ عمارت تي بمباري، هڪ ئي خاندان جا 76 ڄڻا شهيد

غزا ( م ڊ ) غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري اڍائي مهينن کانپوءِ به جاري آهي، هڪ عمارت تي بمباري ۾ هڪ ئي خاندان جا 76 ڄڻا شهيد ٿي ويا. آمريڪي خبرن جي ايجنسي اي پي جي موجب، غزا جي سول ڊفينس جي  ترجمان محمود باسل چيو آهي ته ڇنڇر جو حملو هڪ عمارت تي بمباري جي 12 هفتن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ حملن مان هڪ آهي. مارجي ويلن ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جو اڳوڻو ملازم عصام المغرب، سندس پنج ٻار ۽ سندس زال به شامل آهن. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس چيو آهي ته غزا ۾ هاڻي ڪا به جاءِ محفوظ ناهي ۽ اسرائيل جي مسلسل حملن سبب امداد جي ورهاست ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن. اسرائيل جي حملن ۾ هينئر تائين 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 53 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو لاپتا آهن ۽ حملن ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان دفن آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.