ڳوڙهڻ جي حيران ڪندڙ اثر جو انڪشاف

ڪاوڙ، تڪليف، بي وسي، خوشي ۽ ڏک جهڙا جذبا گھڻن ماڻهن جي اکين کي ڳوڙها وهائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن.
هاڻي سائنسدانن انساني ڳوڙهن جي هڪ حيران ڪندڙ اثر جو انڪشاف ڪيو آهي.
ڳوڙهن کي ڏسي ٻين ماڻهن جي جارحيت يا ڪاوڙ ۾ گھٽتائي ايندي آهي.
اها ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
جرنل Plos Biology ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورتن جا ڳوڙها مردن جي ڪاوڙ يا جارحيت ۾ 40 سيڪڙو گھٽتائي آڻيندا آهن.
حقيقت ۾ عورتن جا ڳوڙها سي مردن جي دماغ ۾ تبديليون ٿينديون آهن ۽ سائنسدانن جي خيال ۾ هر انسان جي ڳوڙهن کي ڏسي اهڙو ئي اثر ٿيندو آهي.
هنن بڌايو ته ڳوڙهن سان ڪاوڙ يا جارحيت ۾ گھٽتائي اچڻ جي دريافت اسان کي حيران ڪري ڇڏيو.
سائنسدانن جي ان ٽيم جي هڪ پراڻي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته عورتن جي ڳوڙهن سان مردن ۾ جارحيت وڌائيندڙ هارمونز جي سطح گھٽجي ويندي آهي، پر ان وقت اهو نه ڏٺو ويو هو ته ڳوڙها روين تي ڪيتري حد تائين اثرانداز ٿين ٿا.
ان نئين تحقيق لاءِ 6 عورتن کي الميه فلمون ڏيکاريون ويون ۽ سندن اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي گڏ ڪيو ويو.
ان کان پوءِ تحقيق ۾ 31 مردن کي شامل ڪري انهن مان ڪجهه کي saline مڪسچر ۽ ٻين کي عورتن جي ڳوڙهن کي سنگهڻ جو چيو ويو.
ان کان پوءِ انهن مردن کي هڪ اهڙي ڪمپيوٽر گيم کيڏڻ جي هدايت ڪئي وئي جنهن سان ماڻهن ۾ جارحاڻو رويو وڌندو آهي.
نتيجن مان خبر پئي ته عورتن جي ڳوڙهن کي سُنگهڻ کان پوءِ گيم کيڏندڙ مردن جي جارحاڻي رويي ۾ 43.7 سيڪڙو گھٽتائي آئي.
ان کان پوءِ مردن جي دماغي اسڪين مان انڪشاف ٿيو آهي ته ڳوڙها سُنگهڻ سان انهن ماڻهن جي دماغ جو اُهو حصو متحرڪ ٿيو جيڪي بوءِ ۽ جارحيت سان سلهاڙيل هوندا آهن جڏهن ته جارحيت وڌائيندڙ دماغي جيوگھرڙن جون سرگرميون گھٽجي ويون.
محققن موجب ڳوڙهن جي ڪيميڪلز جو اهو اثر حيران ڪندڙ هو ۽ اڃا اهو واضح نه ته ائين ٿو ٿئي.
هنن چيو ته جارحاڻي رويي ۾ گھٽتائي کان هٽي ڪري ڳوڙهن جي ڪيميڪلز سان بالغ ماڻهن جي سماجي لاڳاپن تي ڪي خاص اثر نٿا پون، پر ائين لڳي ٿو ته ڳوڙهن جو اهو اثر ارتقائي آهي ته جيئن ڪمزور ٻارن کي تحفظ ملي سگھي.
ماهرن جو چوڻ هو ته ننڍڙا ٻار ڳالهائي ڪري ڪاوڙ ڪندڙ ماڻهن کي روڪي نٿا سگھن، حقيقت ۾ اهي بي وس هوندا آهن، تنهنڪري سندن خيال ۾ انهن جا ڳوڙها بالغ ماڻهن جي ڪاوڙ يا جارحيت کي گھٽائيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.