ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گھٽتائي جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 25 ڊسمبر کان ٿڌ جي شدت ۾ گھٽتائي جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزيه ڪار موجب شهر جو گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي ۽ ڏينهن جي وقت گرمي پد 28 کان 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگھي ٿو.
موسمياتي تجزيه ڪار ٻڌايو ته جنوري جي شروعات ۾ شهر ۾ ٻيهر ٿڌ جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزيي ڪار موجب ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن دوران شهر ۾ ڪٿي ڪٿي ڦڙ ڦڙ جو امڪان به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.