يمنيٰ زيدي جي ٽپا ڏيڻ واري پنجابي ڊانس وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول ڊرامي تيري بن جي اداڪارا يمنيٰ زيدي جي ڊانس سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

يمني زيدي پنهنجي ويجهي مائٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪئي جنهن لاءِ هن ڳاڙهي ۽ گولڊن رنگ جي خوبصورت لباس جي چونڊ ڪئي.

ان شادي ۾ جتي يمني زيدي جي سادگي جي واکاڻ ٿي اتي اداڪارا تقريب ۾ رقص ڪري خوب داد ماڻيو، جنهن جي وڊيو اداڪارا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Yumna Zaidi (@yumnazaidiofficial)

يمنيٰ زيدي شادي جي تقريب ۾ پنهنجي ايندڙ پهرين فلم ”ناياب“ جي گاني ”شيندي“ تي رقص ڪيو جنهن کي مهمانن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

پنهنجي وڊيو پوسٽ ڪندي اداڪارا چيو ته هي منهنجي نئين پسنديده ديسي ڊانس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.