گوگل ڪروم ۾ سنگين سيڪيورٽي ڪمزوري جو انڪشاف، فوري اپ ڊيٽ ڪري وٺو

گوگل جي مشهور ترين ويب برائوزر ڪروم ۾ خطرناڪ ترين سيڪيورٽي ڪمزوري دريافت ٿي آهي.
حقيقت ۾ اها سيڪيورٽي ڪمزوري ايتري خطرناڪ آهي جو ڪمپني فوري طور تي ويب برائوزر کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
گوگل پاران جاري ڪيل بيان موجب CVE-2023-7024 نالي سيڪيورٽي ڪمزوري کي ڪروم برائوزر ۾ دريافت ڪيو ويو آهي.
گوگل پاران ان سيڪيورٽي ڪمزوري جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
ڪروم برائوزر کي ڪيئن اپ ڊيٽ ڪجي؟
عام طور تي گوگل ڪروم پاڻمرادي طور تي اپ ڊيٽ ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن اوهان کي خبر نه آهي ته برائوزر اپ ڊيٽ ٿي چڪو آهي يا نه ته ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو.
اتي ابائوٽ ڪروم تي ڪلڪ ڪريو جيڪو پيج کاٻي پاسي سڀ کان هيٺ هوندو.
ان کان پوءِ ڪروم ٻڌائيندو ته برائوزر اپ ٽو ڊيٽ آهي، جيڪڏهن نه هوندو ته اهو اپ ڊيٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو.
ان کان پوءِ برائوزر ري لانچ ڪندئو ته ڪروم اپ ڊيٽ ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.