يوٽيوب جي اُها ڳجهي ٽرڪ جيڪا تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا

يوٽيوب دنيا جي مشهور ترين ويب سائيٽس مان هڪ آهي جنهن جي ماهوار واهپيدارن جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي.

ان وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم کي ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ موبائيل فون ۾ وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي.

پر اينڊرائيڊ سمارٽ فون جي يوٽيوب ايپ ۾ وڊيو کي ڏسندي اوهان ڪو ٻيو ڪم نٿا ڪري سگھو جيئن ئي اوهان وڊيو شيئرنگ سروس کان ٻاهر نڪري ويندا ته وڊيو بند ٿي ويندي.

پر جيڪڏهن اوهان يوٽيوب پريميئم استعمال ڪندا آهيو ته ايپ مان نڪرڻ کان پوءِ به وڊيو پڪچر موڊ ۾ هلندي رهندي.

پر يوٽيوب تي هڪ ٽرڪ سان اوهان پريميئم اڪائونٽ کانسواءِ به سمارٽ فون ۾ يوٽيوب ميوزڪ وڊيو بيڪ گرائونڊ ۾ ٻڌندي ٻيون ايپس استعمال ڪري سگھو ٿا، بلڪل ائين ئي ڊيسڪ ٽاپ تي يوٽيوب وڊيو هلندي رهندي آهي.

ٽرڪ استعمال ڪرڻ جو طريقو

اوهان فون ۾ يوٽيوب ايپکولي پنهنجي پسند جيوڊيو کي پلي ڪريو.

ان کان پوءِ وڊيو جي هيٺان موجود آپشنز مان شيئر بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڪاپي لنڪ جي چونڊ ڪريو.

پوءِ فون ۾ گوگل ڪروم کولي ڪاپي لنڪ کي پيسٽ ڪري ان کي کوليو.

جڏهن وڊيو کلي وڃي ته برائوزر جي مٿين کاٻي پاسي ڪنڊ تي ٿري ڊاٽ مينيو ۾ وڃي Request Desktop Site آپشن تي ڪلڪ ڪريو.

ائين ڪرڻ کان پوءِ موبائيل ويب سائيٽ جو يوزر انٽرفيس ڪمپيوٽر جهڙو ٿي ويندو.

بس پوءِ پلي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڪروم کي minimize ڪري فون جي هوم اسڪرين تي هليا وڃو.

ائين ڪرڻ سان وڊيو بيهجي ويندي پر اوهان ان کي فون جي نوٽيفڪيشن مينيو ۾ وڃي ٻيهر پلي ڪري سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.