اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايل اين جي جي قيمتن ۾ 10.11 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پاران ايل اين جي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيسن جاري ڪيو ويو جنهن موجب اوگرا پهرين ڊسمبر کان ايل اين جي، جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي.
نوٽيفڪيسن موجب سوئي ناردرن جي سسٽم تي ايل اين جي 1.32 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ٿي وئي آهي جڏهن ته سوئي سدرن جي سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 1.42 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ٿي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوئي ناردرن جي سسٽم تي ايل اين جي، جي نئين قيمت 14.81 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي جنهن سبب سوئي سدرن جي سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 15.45 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي.
You might also like