پشاور-اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پشاور ۽ اسلام مان ٻن کدڙن فقيرن به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.
قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 47 تان کدڙي فقير ناياب علي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته خيبرپختوخواهه مان صوبائي اسيمبلي جي سيت ڪي پي 18 لاءِ کدڙي فقير صوبيا خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
2018ع ۾ رڳو هڪ کدڙي فقير اليڪشن ۾ حصو ورتو هو پر 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ هن ڀيري ٻه کدڙا فقير حصو وٺڻ جا خواهشمند آهن.
بيچلر جي ڊگري رکند صوبيا خان کي خيبرپختوانخواهه جي پهرين کدڙي فقير ريڊيو جوڪي جو اعزاز به حاصل آهي ۽ هو هڪ آزاد اميدوار جي حيثيت سان اليڪشن وڙهندو جنهن لاءِ هو مهم به هلائي رهيو آهي.
ٻي پاسي اين اي 47 اسلام آباد مان اميدوار ناياب علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد جي 11 لک ووٽرن مان 5 لک عورتون آهن، آئون عورتن ۽ ڪچين آبادين جي حقن لاءِ ڪم ڪندس.
Prev Post
Next Post
You might also like