ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت وڌي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون في تولي جي قيمت ۾ 1800 رپيا واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت 18 سئو رپيا وڌي ٻه لک 19 هزار 800 رپيا آهي.
10 گرام سون جو مُلهه 1543 رپيا مهانگو ٿيڻ کان پوءِ هڪ لک 88 هزار 443 رپيا آهي.
ٻي پاسي عالمي بازار ۾ سون 19 ڊالر واڌ سان 2074 ڊالر في اونس آهي. پاڪستان ۾ سون جو عالمي قدر 20 ڊالر پريميئم شامل ڪري 2074 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.