ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو سون چوري ٿيڻ جوانڪشاف ٿيو آهي.
رپورٽ موجب حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تان هڪ مهيني ۾ هڪ ڪروڙ 23 لک 72 هزار 863 رپين جو نذراني ۾ ڏنو سون چوڳري ٿيو جنهن کان پوءِ اوقاف کاتي جي نگران وزير عمر سومري درگاهه جي مئنيجر کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
اوقاف کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته جاچ ڪميٽي آڏو درگاهه جي مئنيجر زبير بلوچ پنهنجي چوريءَ جو ڏوهه قبول ڪيو آهي.
عمر سومرو جو چوڻ هو ته مئنيجر زبير بلوچ کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ ڪيس اينٽي ڪرپشن کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي، مئنيجر جي پگھار پينشن به روڪڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن جڏهن ته اينٽي ڪرپشن کي لکي ڇڏيو آهي ته زبير بلوچ کان سون چوري ڪرڻ جي فوري روڪوري ڪئي وڃي.
نگران وزير جو چوڻ هو ته ان سان گڏوگڏ سڀني درگاهن جي مئنيجرز خلاف به جاچ ٿيندي.
ذريعن موجب سيڪريٽري منور مهيسر زبير بلوچ کي حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي مئنيجر مقرر ڪيو هو ۽ زبير بلوچ رٽائر ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي سان کان نذراني جي باڪس جي چاٻي هن وٽ هوندي آهي.
Next Post
You might also like