ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي پوليس کي حراست ۾ ورتل سمورين بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
جمعي ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ مظاهرين جي گرفتاري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي) کي گرفتار ٿيلن بابت لکت ۾ آگاهه ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن کين احتجاج جو حق آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق بلوچ مظاهرين جي گرفتارين ۽ احتجاج جي حق کان محرومي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جي طلبي تي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ خميس جي رات پيش آيل واقعن بابت عدالت ۾ بيان ڏنو.
جسٽس عامر فاروق چيو ته صبح جو خبر پئي ته ڪجهه عورتن کي زبردستي واپس بلوچستان موڪليو پيو وڃي، جنهن تي آءِ جي اسلام آباد چيو ته جيڪي ماڻهو واپس وڃڻ چاهين ٿا انهن لاءِ بس جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
آءِ جي موجب عورتون آءِ ٽين ۾ موجود آهن، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اهي آءِ ٽين ۾ ڇو آهن؟ هو جتي چاهين وڃي سگهن ٿيون ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ انهن جو حق آهي.
واضح رهي ته بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ گذريل ٻن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ موجود آهن، اسلام آباد پوليس عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي مظاهرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پوليس ڪيترين ئي عورتن کي زبردستي بس ۾ کڻي واپس بلوچستان موڪلڻ جي ڪوشش به ڪئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ عورت پوليس اسٽيشن ۾ ڪيتريون ئي عورتون نظر آيون ۽ جمعي تي ٻڌڻي دوران اهو معاملو به بحث هيٺ آيو.
ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ موجود صحافي حامد مير عدالت کي ٻڌايو ته گذريل رات عورتن کي زبردستي گاڏين ۾ ويهاريو ويو، آءِ جي چئي رهيو آهي ته کين پنهنجي مرضي سان وڃڻ ڏنو ويو.
آءِ جي اسلام آباد عدالت کي ٻڌايو ته گذريل شام 52 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڪل 216 ماڻهو حراست ۾ آهن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته لکت ۾ ٻڌايو ته ڪهڙين عورتن کي گرفتار ڪيو ويو، عورتون پوليس اسٽيشن ۾ ڪيتريون هيون ۽ حراست ۾ ورتل ڪيترين کي آزاد ڪيو ويو آهي.
صحافي حامد مير چيو ته ڪالهه عدالت کي ٻڌايو ويو ته سموريون عورتون آزاد ڪيون ويون، جڏهن ته ٽن وفاقي وزيرن ۽ آءِ جي به پريس ڪانفرنس دوران اهو ئي چيو ته سموريون عورتون آزاد ڪيون ويون پر مون کي خبر پئي ته ڪنهن به عورت کي آزاد ناهي ڪيو ويو. مان جڏهن عورتن جي اسٽيشن تي پهتس ته اتي عورتن کي گهليو پئي ويو.
ٻڌڻي دوران هيومن رائيٽس ڪميشن جي آفيسر احمد بٽ چيو ته اسان جي ڇوڪرين کي رڍن جيان بسن ۾ ويهاريو ويو.
چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو زيادتي به ڪري ٿو ته سرڪاري آفيس هولڊر کي صبر سان ڪم ڪرڻو پوندو آهي پر هو ائين نه ڪري سگهيا.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.