اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت ڏهه، ڏهه لک رپين جي مچلڪن عيوض پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخوات تي ٻڌڻي ڪئي.
چيف جسٽس چيو ته چيو ته جيڪو فرم جرم چئلينج ڪيو ويو هو اهو هاءِ ڪورٽ ختم ڪري چڪي آهي. نئين فرد جرم تي پراڻي ڪارروائي جو ڪو به اثر نه ٿيندو.
ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست تي نوٽيس ناهي ٿيو جنهن تي وقتي چيف جسٽس چيو ته هاڻي ئي نوٽيس ڪري ٿا ڇڏيون اوهان کي ڪهڙي تڪڙ آهي.
اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ جلدبازي ۾ 13 شاهدن جي بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن.
چيف جسٽس چيو ته اسپيڊي ٽرائل هر جوابدار جو حق هوندو آهي. اوهان ڇو پيا چاهيو ته ٽرائل جلد مڪمل نه ٿئي. آڪٽوبر 2023ع تي چارج لڳائڻ جي ڪارروائي هاءِ ڪورٽ ختم ڪري چڪي آهي. هاڻي ئي ان حڪم کي ختم ڪري ڇڏيون ته ڇا ٿيندو. التوا گھري رهيا آهيو ته پوءِ ٻنهي ڪيسن ۾ ٿيندي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.هن جي 40 ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ٿي چڪي آهي. ڪنهن به سياسي ليڊر خلاف هڪ شهر ۾ 40 ڪيس داخل ناهن ٿيا. جنهن انداز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن ان کي بيهڻ گھرجي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير تي سائفر جو ڪيس هلي رهيو آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته الزام اهو آهي ته سائفر حساس دستاويز هو جنهن کي عوامي سطح تي شيئر ڪيو ويو. سائفر حساس ڪوڊڊ دستاويز هو. پرڏيهي آفيس ڪوڊڊ سائفر وزيراعظم کي ڪيئن ٿي ڏئي سگھي. اعظم خان جي بيان ۾ واضح آهي ته وزيراعظم وٽ موجود دستاويز سائفر نه هو. اصل سائفر ته اڄ به پرڏيهي آفيس ۾ ئي هوندو. ڇا جاچ آفيسر اعظم خان جي گمشدگي تي جاچ ڪئي.
جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ۾ چيو ته سائفر ڪيس ۾ 13 ڊسمبر جي فرد جرم کي چئلينج ئي ناهي ڪيو ويو. سائفر وزيراعظم کي ڏيڻ ڇا طريقيڪار آهي. ڪيس اهو آهي ته حساس ڄاڻ شيئر ڪئي وئي. اها ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته نه اسان سائفر ڪيس ۾ ٽرائل ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي اپيل ٻڌي رهيا آهيون. اسان جي آڏو ضمانت جو ڪيس آهي.
عمران خان کي توشه خانا ڪيس ۾ 5 آگسٽ جڏهن ته سائفر ڪيس ۾ 15 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو. شاهه محمود قريشي کي 20 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو. 13 ڊسمبر 2023ع تي خاص عدالت آفيشل سيڪريٽ تحت عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي سائفر ڪيس ۾ هڪ ڀيرو فرد جرم لاڳو ڪيو هو. ان کان اڳ ٻنهي تي 23 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 21 نومبر تي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي قانوني گھرجن سان گڏ نئين سر ٽرائل جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ اڊيالا جيل ۾ ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو.
ان کان پوءِ سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي باوجود عمران خان آزاد نه ٿي سگھيو. پي ٽي آءِ جو باني 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي جڏهن ته هو پي ٽي آءِ توشه خانه نيت ڪيس ۾ به گرفتار آهي.
عمران خان کي ان ٻنهي ڪيسن ۾ به ضمانت حاصل ڪرڻ لازمي آهي نيب جي ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ تائين هو جيل ۾ ئي رهندو.
عمران خان جي 27 ڊسمبر تي توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي بڌڻي ٿيندي جيڪا احتساب عدالت جو جج محمد بشير جيل ۾ ڪندو.
لکت ۾ فيصلو
سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويوآهي ته ڳجهي ڄاڻ کي غلط انداز ۾ پکيڙڻ جي سزا ٻه سال آهي، آفيشل سيڪريٽر ايڪٽ جي جون جيڪي شقون سائفر ڪيس ۾ لاڳو ڪيون ويون آهن اهي ضمانت جوڳيون آهن.
Prev Post
You might also like