ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي پاليسي خلاف سنڌي شاگرد سٿ جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي پاليسي خلاف سنڌي شاگرد سٿ طرفان ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي پريس ڪلب ۽ ٻين مختلف شهرن ۾  پريس ڪلبن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪراچي يونيورسٽي طرفان لڳايل ڪي ايس پي پاليسي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو گھر ڪئي وئي، سنڌي شاگرد سٿ طرفان چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ادارن ۾ ڏينهون ڏينهن سنڌي شاگردن جي رستا روڪ بند نه ٿي سگهي آهي اُن ۾ روز شدت اچي رھي آھي ڪڏهن ڪي ايس پي جي صورت ۾ ته ڪڏهن هاسٽل کسڻ جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري رجعت پرست تنظيمن جي پٺبرائي ڪرائي شاگردن تي حملا ڪرائڻ جي صورت ۾  حملا ٿي رهيا آهن، ڪراچي يونيورسٽي هن سال جي ايڊميشن کان پھريان 43 شعبن تي ڪي ايس پي پاليسي لاڳو هئي جنهن کي وڌائي ڪري 44 ڊپارٽمينٽ تي لاڳو ڪري ڇڏي جيڪي صرف بيچلر ڊگري پروگرام آهن ان کان علاوه 47 ماسٽرس ڊگري پروگرام آهن جن تي به ڪي ايس پي پاليسي پڻ لاڳو آهي، جنهن جو مقصد صرف سنڌي شاگردن جو وڌندڙ تعداد برداشت نه ڪندي قانون جي شعبي تي به لاڳو ڪري چُڪي آهي، سنڌي شاگرد سٿ جو چوڻ آهي ته اسين سمجھون ٿا ته تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي حق سمورن شاگردن جو آهي ۽ هي يونيورسٽي صوبائي يونيورسٽي آهي، اهڙي قسم جي پاليسي ڪنهن به صوبائي يونيورسٽي ۾ لاڳو ناهي، پاليسي کي رد ڪيون ٿا، سڀاڻي ڪراچي يونيورسٽي جي سِلور جُوبلي تي گيٽ تي بک هڙتال ڪئمپ لڳائي ويندي، جيڪا مرڻ گهڙي تائين جاري رهندي، اسين هن سموري عمل جي مذمت ڪيون ٿا، ميرٽ جو قتل عام ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو، اسين هن عمل خلاف قانوني جنگ کان ويندي، سياسي، سماجي جنگ  تائين ويندا سين پر هن پاليسي کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.