شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) عام چونڊن جي حوالي سان شڪارپور ضلعي جي ٽن صوبائي اسيمبلين ۽ ٻن قومي اسيمبلي تڪن لاءِ اميدوارن پاران فارم وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي جي تنگواڻي ۽ خانپور تعلقن تي مشتمل اين اي 192 تي پ پ پ پاران مير شبير علي خان بجاراڻي، جي يو آءِ پاران ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، مير عابد حسين جتوئي، راشد محمود سومرو، مولانا عبدالله پھوڙ مشتاق احمد مھر سميت 16 کان وڌيڪ اميدوارن پاران نامزدگي فارم وصول ڪيا شڪارپور اين اي 193 تي پ پ پ پاران غوث بخش مهر، شھر يار مھر، ميربابل خان ڀيو مير عابد خان ڀيو، جي يو آءِ پاران مولانا عبدالله مھر، جي يو پي حافظ مسعود احمد قادري، آزاد اميدوار منظر علي خان ڪماريو، ڪامريڊ رحيم بخش جعفري ۽ ٻين فارم وصول ڪيا شڪارپور ون پي ايس 7 پ پ پ پاران اڳوڻو صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ،فراز امتياز احمد شيخ، پي ٽي آءِ پاران آغا تيمور خان پٺاڻ، بابر عرف سني سنجراڻي، لالا شمس خان پٺاڻ، جي يو آءِ پاران مولانا عبدالله مھر سميت ڪيترن ئي اميدوارن فارم وصول ڪيا، پي ايس 8 خانپور ۽ لکي غلام شاهه جي صوبائي تڪ تي پ پ پ پاران محمد عارف خان مھر، غوث بخش خان مھر، ڪامران خان مھر ،اياز مھر، جي يو آءِ پاران مير عابد حسين جتوئي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ،امير علي خان جتوئي ،مولانا عبدالله مھر سميت ڪيترن ئي اميدوارن فارم وصول ڪيا، پي ايس 9 ڳڙهي ياسين صوبائي تڪ تي پ پ پ پاران آغا سراج خان دراني، سردار جاڳڻ خان ڀيو، جي يو آءِ پاران سيد رشدالله شاهه امروٽي سميت ڪيترن ئي اميدوارن پاران فارم وصول ڪيا ويا آهن .