مان نه ٿو سمجهان ته بلوچستان جو ڪو باشعور ۽ حقيقي خيرخواهه سنڌ مٿان توسيع پسندانه سوچ جو اظھار ڪندو… جڏھن به پنجاب خلاف ڪو زورائتو آواز اٿندو آھي ته پنجاب جي ھشيءَ تي اھڙي قسم جي پروپيگنڊا ڪري ڌڪ ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڊاڪثر ماھ رنگ ۽ سندس ساٿياڻين کي سلام پيش ڪجي ٿو .
ھونئن اھا ڳالھه چٽي آھي ته نه رڳو موجوده بلوچستان پر سيستان کان به گهڻو اڳتي ڪالهھ تائين سنڌ ھئي. سنڌ تي ڌارين جي لڳاتار حملن ۽ قبضي سبب سنڌ جي وحدت ٽٽندي رھي آھي ، قيام پاڪستان کي سنڌ پنھنجي آزادي سمجهڻ جي ڀل ڪئي ، جنھن کان پوءِ سنڌ وڌيڪ تڪليف ۾ رھي . بلوچستان لفظ جو انگريزن ئي پٺاڻن جي علائقن تي قبضو ڪري استعمال ڪيو ھو ۽ باقي علائقا ته پنھنجو تعلق سنڌ سان ئي ڳنڍيندا رھيا ھئا اھا جدا ڳالهھ ھئي ته جيئن مغلن جي حڪمرانيءَ کي مرھٽا يا ڪي ٻيون رياستون قبول نه ڪنديون ھيون تيئن ڪلھوڙن يا ٽالپرن جي حڪومت کي قلات يا بھاولپور وغيره قبول نه ڪنديون ھيون پر اھي سڏبيون سنڌي رياستون ھيون .
اڄ به موجوده بلوچستان جي پنجاھ سيڪڙو کان به وڌيڪ آباديءَ جي ٻولي سنڌي آھي. ويجهي ماضيءَ جي تاريخ به اھو ئي ٻڌائي ته موجوده پاڪستان جو وجود لڳ ڀڳ ڪلھوڪي سنڌ تي مشتمل آھي. جنھن جي ٻولي به لداخ کان ڪيٽي بندر ۽ ڪيچ مڪران تائين لڳ ڀڳ ساڳئي آھي ۽ صرف لھجي جي مٽ سٽ آھي .
سائين جي ايم سيد جڏھن 1943ع ۾ ڪانگريس جي گڏيل ھندستان جي مقابلي ۾ چاليھن واري قرارداد جي طرز تي قيام پاڪستان جو سنڌ اسيمبليءَ مان ٺھراءُ بحال ڪرايو ھيو ته به ان جي پٺيان يقيني طور اھو به پس منظر ھيو ته اھي سمورا علائقا اصل سنڌ آھن . پر جناح جي اقتداري حوس ۽ لياقت ٽولي ۽ انگريزن جي سازش منڍ ئي بڇڙاين جي ور چڙھي ويو ۽ ان سنڌ کي ڳھڻ شروع ڪيو. سائين جي ايم سيد ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ واري وقت تائين پاڪستان کي پنھنجي اصلي رخ تي ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ کي ڳھڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو.
بلوچستان جي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته بلوچستان جن علائقي تي مشتمل آھي سو پکيڙ جي لحاظ کان باقي پاڪستان جي سمورن صوبن کان به وڌيڪ ايراضيءَ تي مشتمل آھي.
جڏھن ته آباديءَ جي لحاظ کان به گهٽ آباديءَ وارو علائقو آھي. ھن وقت پاڪستان ۾ سنڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ ئي آزاديءَ جي تحريڪ ھلندي رھي آھي. سنڌ جي تحريڪ ته پر امن رھندي آئي آھي پر بلوچستان جي تحريڪ پر تشدد رھندي اچي پئي.
سنڌ ۾ به سنڌين کان سواءِ ٻين نسلن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي ۽ بلوچستان ۾ پڻ اھڙي صورتحال آھي .. پر سنڌ ۽ بلوچستان جي متضاد نسلي آبادين ۾ فرق پڻ آھي .
قيام پاڪستان کان اڳ سنڌ ۾ ڌارئي نسل جي آباد ھڪ سيڪڙو به نه ھئي . پر قيام پاڪستان کان پوءِ مسلسل ھندستاني ، سرحدي پنجابي بھاري بنگالي برمي وغيره ايندا رهيا آھن. پر بلوچستان ۾ اڳ ئي پٺاڻ آبادي موجود آهي جنھن کي ڌاريو نه ٿو چئي سگهجي. جڏھن ته ڪلھ تائين موجوده بلوچستان سنڌ ھجڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ ڳالھائيندڙن جو تعداد به پنجاھ سيڪڙو کان ھن وقت به وڌيڪ آھي .
پاڪستان اصل ۾ قديم سنڌ جي علائقن تي مشتمل ھجڻ سبب انھن سمورن علائقن جي رھواسين جي ٻولي سنڌي زبان جا جھڙوڪ مختلف لھجا ھئا ۽ قيام پاڪستان کان اڳ سنڌي ٻولي نه رڳو موجوده پاڪستان جي حدن پر ھندستان جي ڳچ حصن ۾ ان وقت به ڳالھائجندڙ زبان ھئي ته وٽس لکڻ پڙھڻ جي صلاحيت ۽ وڏو ادبي ذخيرو پڻ ھو پر باقي ٻيا جيڪي لھجا يا کڻي زبانون چئون تن وٽ نه صلاحيت ھئي نه وري ڪو مواد ھيو تنھن ڪري اصول ۽ انصاف جي تقاضا اها ھئي ته پاڪستان جي قومي ٻولي سنڌي ٿي وڃي ھا ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ پراڻي سنڌ گڏجي پئي ھا ۽ سنڌيت جو احساس ۽ جذبو پيدا ٿي پئي ھا،
پر لکنئو جي داداگيرن جن مغلن ۽ غورين وغيره جي آڙ ۾ سوين سال دھلي سلطنت ٺاھي سنڌ ۽ ھند تي جھڙوڪ راڄ ڪيو ھو تن جو ٿال اونڌو ٿئي پيو ۽ انگريزن جي بوٽ پالش ڪندڙن پڻ پنھنجي مستقبل کي خطري ۾ محسوس ڪيو. تنھن ڪري ھنن گڏيل مفادن تحت ھڪ سيڪڙو کان به گهٽ لکنئو جي ڌڪيل لوڌ جي ھندي اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سنڌي ٻوليءَ جي رستا روڪ ڪري ورتي.
ورهاڱي کانپوءِ مسلسل سنڌ خلاف سازشون ٿيون. نه رڳو اھو موجوده بلوچستان کي پڻ زبردستيءَ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. مني صديءَ کان ھن وقت تائين بلوچ قبيلا حالت جنگ ۾ آھن . اڄ به ھڪ بلوچ نياڻيءَ جي قيادت ۾ بلوچ عورتن جو ھڪ وڏو قافلو بلوچستان جي آزاديءَ لاءِ نڪري پيو آھي . سنڌ ان قافلي کي قدر ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي. ھن موقعي تي ڪجهھ ماڻهن جا بيان آڏو اچي رھيا آھن جيڪي ھونئن نوان نه آھن . مان سمجهان ٿو ته بلوچستان جي قومي تحريڪ کي سنڌ جي حمايت جي شديد ضرورت آھي ۽ سنڌ ماضيءَ ۾ به بلوچستان تي لشڪر ڪشي جي سمورن عملن جي رڳو مذمت نه پر پنھنجي حال سارو سخت رد عمل به ظاھر ڪيو آھي . ۽ آئنده به سنڌ، بلوچستان جي اخلاقي حمايت جاري رکندي.
پاڪستان اصل ۾ قديم سنڌ جي علائقن تي مشتمل ھجڻ سبب انھن سمورن علائقن جي رھواسين جي ٻولي سنڌي زبان جا جھڙوڪ مختلف لھجا ھئا ۽ قيام پاڪستان کان اڳ سنڌي ٻولي نه رڳو موجوده پاڪستان جي حدن پر ھندستان جي ڳچ حصن ۾ ان وقت به ڳالھائي ويندڙ زبان ھئي ته وٽس لکڻ پڙھڻ جي صلاحيت ۽ وڏو ادبي ذخيرو پڻ ھو پر باقي ٻيا جيڪي لھجا يا کڻي زبانون چئون تن وٽ نه صلاحيت ھئي نه وري ڪو مواد ھو تنھن ڪري اصول ۽ انصاف جي تقاضا اها ھئي ته پاڪستان جي قومي ٻولي سنڌي ٿي وڃي ھا ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ پراڻي سنڌ گڏجي پئي ھا
پاڪستان اصل ۾ قديم سنڌ جي علائقن تي مشتمل ھجڻ سبب انھن سمورن علائقن جي رھواسين جي ٻولي سنڌي زبان جا جھڙوڪ مختلف لھجا ھئا ۽ قيام پاڪستان کان اڳ سنڌي ٻولي نه رڳو موجوده پاڪستان جي حدن پر ھندستان جي ڳچ حصن ۾ ان وقت به ڳالھائي ويندڙ زبان ھئي ته وٽس لکڻ پڙھڻ جي صلاحيت ۽ وڏو ادبي ذخيرو پڻ ھو پر باقي ٻيا جيڪي لھجا يا کڻي زبانون چئون تن وٽ نه صلاحيت ھئي نه وري ڪو مواد ھو تنھن ڪري اصول ۽ انصاف جي تقاضا اها ھئي ته پاڪستان جي قومي ٻولي سنڌي ٿي وڃي ھا ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ پراڻي سنڌ گڏجي پئي ھا