عوام جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟

تحرير: علي رضا نوناري

هاڻي جڏھن اليڪشن ڪميشن پاڪستان پاران چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جاري ڪيا ويا آهن ۽ پوري ملڪ مان چونڊن ۾ حصو وٺندڙن پاران اهي فارم ورتا پيا وڃن مطلب ته چونڊن جون تياريون عروج تي پهتل آهن ته اتي وري عوامي خدمت ڪرڻ جا قسم کڻڻ سان گڏ ملڪي سياستدانن پاران هڪٻئي مٿان الزام تراشيون به  تيزي سان شروع ٿي ويون آهن. جنهن جو پهريون مثال آهي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن گذريل ڏينھن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ڪو اميرالمومنين ٿي ڪري ڪو وري ٽائيگر فورس ٺاهي ملڪ هلائڻ چاهي ٿو.

ان اهو به چيو ته انتقامي سياست به شروع ٿي چڪي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو اهو بيان بلڪل هڪ حقيقت آهي. پر هن هڪ جملو ايڏو ته سچو چيو آهي ته جيڪو آهي ته ملڪ تي سياسي آلودگي جو بخار چڙهيل آهي ۽ هڪٻئي کي گاريون ڏيڻ يا جيل موڪلڻ سان سياست جي ڪاميابي ناهي پر اها سياستدانن توڙي ڪارڪنن جي شڪست آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ان بيان کي هر سياستدان سنجيدگي سان وٺي ته ان ۾ اسان سڀني جي ڀلائي آهي. هڪ ووٽر پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ان لاءِ  ڪندو آهي ته سندس ڪا ڀلائي ٿئي يا سندس ڪٽنب سميت ملڪ صوبي يا ضلعي توڙي سندس تعلقي جي ترقي ٿئي يا سندس علائقن ۾ خوشحالي اچي. ووٽر پنهنجو ووٽ ان لاءِ ناهي ڏيندو ته کيس ڪا ذلت يا ڪا رسوائي سندس حصي ۾ اچي تنهنڪري ملڪ جي سياسي پنڊتن کي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪيل ڳالھه تي غور ڪرڻو پوندو ان سان گڏ ملڪ جي عوام کي به فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي ڪهڙو پاڪستان چاهن پيا.

جيڪڏھن ملڪي ماڻھن اڃا به ڪو مهلائتو فيصلو نه ڪيو ته پوءِ ياد رکجو ته نه ئي اوھان جا مسئلا حل ٿيندا نه ئي ملڪ هلي سگهندو ۽ اوھان جا سمورا مسئلا اتي جو اتي رڪيل رهندا. فردن فردن اختلاف رکي سگهجن ٿا پر جتي پوري ملڪ ۽ ملڪي عوام جي حقن جي ڳالھه اچي ته خدارا اتي ٿورو ضرور سوچجو. ڏسو هن وقت سنڌ ۾ گئس جو بحران آهي جڏهن ته ملڪ جي وسيلن ۾ 70 سيڪڙو گئس پئدا به سنڌ پئي ڪري وري ان کي بحراني حالتن ۾ ڌڪيو پيو وڃي.

گئس بحران پئدا ڪري سنڌ جي صنعتي زون کي پڻ بحران ۾ ڌڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جون معاشي حالتون غير مستحڪم ٿي وڃن. انهي معاملي تي نگران وزيراعليٰ وفاق سان ڪالهھ احتجاج به ڪيو آهي ۽ اهو به چيو ته اسان کي پنهنجو جائز حصو ڏيو. ڇو ته گئس جي بندش سبب صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن پر پوءِ به وفاقي حڪومت جي ڪن تي جونءَ ڪونه پئي چري. پي ٽي آءِ پنجاب جو اڳواڻ عثمان ڊار جنهن جي ماءُ خواجا آصف تي الزام هڻندي چيو آهي ته خواجا آصف چونڊ وڙهڻ جو ٻڌي 20 ماڻھو منھنجي گهر اماڻي مارڪٽ ڪئي آهي ايترو ئي نه پر ان حملي ۾ گهر جو در ٽوڙي منهنجا ڪپڙا به ڦاڙيا ويا آهن.

هن چيو ته آئون پوءِ به چونڊ فارم ڀرائينديس ۽ اليڪشن وڙهنديس ان بيان جي بدلي الزام هيٺ آيل خواجا آصف پنھنجي بيان ۾ چيو ته اهڙي انتقامي سياست سان منھنجو ڪوبه تعلق نه آهي آئون احترام واري سياست ڪندو آهيان ۽ منھنجي سياست عوام سان سچائي، اصولن ۽ وفاداري تي ٻڌل رھي آهي. پر مخالف مونکي ڪوڙو ڪيس ٺاھي ڦاسائڻ چاهين ٿا. ان سميت اڻڳڻيا مثال موجود آهن جيڪي آن دي رڪارڊ آهن. گهٽ ۾ گهٽ هاڻي انهيءَ بدبودار سياست جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ان سان گڏ عوام جي ڀلائي توڙي ملڪي خوشحالي تي سوچڻ گھرجي ان ۾ سياستدانن توڙي عوام جو تعاون هڪ جيترو هجڻ گهرجي ته پوءِ ئي اسان جي ڀلائي ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.