ايندڙ عام چونڊون ۽ پي ٽي آءِ جي فراريت جي ڪوشش

تحرير: شفيق الرحمان شاڪر

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جنھن کي سندس حڪومت جي خاتمي کانپوءِ سمورن سياسي پارٽين کان وڌيڪ عام چونڊن جي تڪڙ ھئي سا ھاڻ مختلف حيلن بھانن سان چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي منصوبي جو حصو ڪيئن بڻجي ويئي آھي؟ جڏھن ته  عمران خان حڪومت تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ ختم ٿي ھئي ته خان صاحب جي زبان تي صبح سانجهيءَ  ھڪڙو ئي راڳ ھو ته جلد کان جلد ٻيھر عام چونڊون ڪرايون وڃن ان مقصد لاءِ  ھو نه رڳو عدالتن ۾ به ويو پر پنجاب توڙي ڪي پي ۾ پنھنجون حڪومتون به پاڻ ختم ڪرائي ڇڏيائين،ھاڻي جڏھن عام چونڊن جو شيڊول به جاري ٿي چڪو آھي ته خان صاحب چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ  مختلف حيلا بهانا هلائيندي نظر اچي ٿو.

تحريڪ انصاف جي ھڪ اھم وڪيل ۽ عھديدار گذريل ھفتي لاھور ھائيڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ عدليا مان رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ بدران انتظاميه مان مقرر ڪيا آھن جنھن ڪري چونڊون صاف ۽ شفاف نه ٿي سگهنديون.ھميشه جيان لاھور ھائي ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ھا ۾ ھا ملائيندي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ھڪ لارجر بينچجي جوڙجڪ ڪئي ويئي ته جيئن چونڊن واري عمل کي پوئتي ڌڪيو وڃي.

جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي وچ ۾ آڻي چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ڪرائي ھئي ۽ اھو به واضح ڪيو ھو ته چونڊن جي اھا تاريخ پٿر تي لڪير سمجهڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ وھم گمان پکيڙڻ جي ڪنھن کي به اجازت نه ڏني ويندي. جيڪر ڏٺو وڃي ته انھن حالتن ۾ ھڪ بھتر فيصلو ھو جو ڪيتريون ئي ڌريون ھر قيمت تي چونڊن جي عمل کي ھڪ ڊگهي عرصي تائين پوئتي ڌڪڻ واري منصوبي تي پنھنجو پورو زور لڳائي رھيون ھيون. تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي ان ٽياڪڙيءَ  واري عمل جي مڪمل حمايت ڪري،انھن ان عمل کي روڪڻ لاءِ  پنھنجو زور لڳائڻ شروع ڪري ڏنو.جڏھن لاھور ھاءِ ڪورٽ جو چونڊن ۾ رڪاوٽ جي حوالي سان اھو فيصلو سامھون آيو ته انھيءَ  ئي ڏينھن سپريم ڪورٽ جي ھڪ ٽي رڪني بينچ اھو فيصلو رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي ترت اليڪشن جو شيڊول جاري ڪرڻ جون ھدايتون ڏيئي ڇڏيون جنھن ڪري تحريڪ انصاف توڙي ڪجھه  ٻين ڌرين کي مايوسيءَ  جو منھن ڏسڻو پيو.لاھور ھاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪندڙ پي ٽي آءِ  اڳواڻن کي نادان دوست چئجي يا دانا دشمن پر انھن عام ماڻھن ۾ اھو تاثر پکيڙڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي ته تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾پنھنجي ڪاميابيءَ  جو ڪو ڀروسو ناھي.ٻئي طرف دعوائون اھي پئي ڪيون ويون ته تحريڪ انصاف جي جيڪا عوامي مقبوليت آھي ان مطابق اھا چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري وٺندي.ان ۾ ڪو شڪ نه ھئڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف جو ھڪ مضبوط ووٽ بينڪ اڄ به موجود آھي پر تحريڪ انصاف ھن وقت جن ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي تڏھن رڳو ھمدرديءَ  جي بنياد تي چونڊن ۾ ڪا فيصلائتي ڪاميابي ماڻڻ ڪو آسان ڪم نُه ٿيندو.عمران خان سان گڏوگڏ ڪيترائي اھم تحريڪ انصاف جا  اڳواڻ عملي طور تي سياسي ميدان کان ٻاهر ٿي چڪا آھن ۽ صاف نظر اچي پيو ته تحريڪ انصاف کي سياسي عمل توڙي ايندڙ چونڊن ۾ کيڏڻ لاءِ  مناسب ميدان نه پيو ڏنو وڃي،

انھن حالتن ۾ خان صاحب لاءِ  واحد سھارو ملڪي عدليه توڙي اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس ڪجھه  ” ھمدرد“ آھن جيڪي به بدليل حالتن ۾ ھن لاءِ  ڪو موثر ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار نظر اچن ٿا.انھن حالتن ۾ ايندڙ چونڊون تحريڪ انصاف جي لاءِ  ڪيئن ثابت ٿينديون ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر حالتون ٻڌائين ٿيون ته مقتدر ڌرين موجودھ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف خاص طور تي خان صاحب کي ھر صورت ۽ ھر قيمت تي ٻاھر رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي ۽ في الحال ان فيصلي تي نظرثانيءَ  جي ڪا گنجائش نظر نٿي اچي،ٻئي طرف ايندڙ چونڊن ۾ جن کي اڳيان آڻڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن انھن جي باري ۾ به سوين شڪ شبھا ۽ انومان اتي جا اتي موجود آھن ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنھن به طرح ”مائينس ون“ وارو فارمولو لاڳو ڪري ڪا سڪون جي بانسري وڄائي وڃي پر اھو معاملو به ايڏو سادو ۽ سولو ثابت نه ٿيندو. ميان صاحب ڪيتري سھپ ۽ صبر جو مظاھرو ڪندو؟ شھباز جو شوق پورو ٿيندو يا نه، پيپلز پارٽي،استحڪام پاڪستان پارٽي،پرويز خٽڪ گروپ، ايم ڪيو ايم،جي يو آئي جو ايندڙ سياسي عمل ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو حصو پتي ھوندو.اھي سڀ سوال اڃان حل طلب آھن.سڀني شڪن شبھن ۽ مونجهارن باوجود اھو تھ واضح ٿي چڪو آھي ته ايندڙ چونڊون پنھنجي مقرر تاريخ تي ئي ٿيڻيون آھن ۽ سپريم ڪورٽ جي ھاڻوڪي چيف جسٽس جي موجودگيءَ  ۾ چونڊن جي عمل کي ڪنھن به طرح متاثر ڪرڻ واري ڪابه حرڪت ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي.انھن پس منظر ۾ ھڪ دلچسپ سياسي صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي.اھڙيون چونڊون جن کان ڀڄي بھ نٿو سگهجي پر بنا ڪنھن خوف ۽ خطري جي اطمينان سان انھن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ  به ڪيتريون ئي ڌريون تيار نظر نٿيون اچن!

انھن حالتن ۾ خان صاحب لاءِ  واحد سھارو ملڪي عدليه توڙي اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس ڪجھه  ” ھمدرد“ آھن جيڪي به بدليل حالتن ۾ ھن لاءِ  ڪو موثر ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار نظر اچن ٿا.انھن حالتن ۾ ايندڙ چونڊون تحريڪ انصاف جي لاءِ  ڪيئن ثابت ٿينديون ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر حالتون ٻڌائين ٿيون ته طاقتور ڌريون چونڊن ۾ تحريڪ انصاف خاص طور تي خان صاحب کي ھر صورت ۾  ٻاھر رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.