ملڪي سياست ۾ نواڻ ۽ مثبت تبديلي اچڻ گهرجي

تحرير:سڪندر چنو

ملڪ جو غريب عوام ڪيڏانهن وڃي ڇا ڪري ڪنهن کي دانهن ڏي؟ ڪير ڪنهن کي پنهنجا ڏک درد ٻڌائي؟ هرماڻهو ڏکن دردن ۽ درمانن سان ڀريو پيو آ. جنهن سان دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ حال احوال اوريو وڃي ته خبر پوندي ته هو خود دردن ۽ ڏکن سان ڀريو پيو آ. آخرڪار وڃجي ته ڪيڏانهن وڃجي؟ پنهنجي ملڪ کي اکاڙو بڻايو ويو آهي. ملڪ جو عوام وڏين تڪليفن واري زندگي گذاري رهيو آهي. ملڪ جا ادارا پنهنجي من ماني ڪندي عوام جي ساهه کڻڻ واري نڙيءَ تي لت رکيون بيٺا آهن. ڪير ڪنهن کان جواز پڇڻ لاءِ تيار ڪونهي. ٻڪري ۽ ڪمند چور جيل ۾ زندگي گذاريندي پنهنجي زندگيءَ جا آخري پساهه گذاريندو آهي، پر ملڪ جو وڏو چور چوري ڪندي به ملڪ وري ٿو ته ان کي هر طرح جو رليف ڏيڻ لاءِ ڪورٽون سڳوريون موڪل جي ڏهاڙي به کوليون وڃن ٿيون.

ڇا غريب ۽ بي پهچ خدا جي خلقيل مخلوق لاءِ به ڪڏهن ائين ٿيو آهي؟ اهڙا سوال اسين انهن کان ڪيون ٿا جيڪي قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ انصاف جي ڪرسين تي ويٺل آهن. جڏهن ملڪ ۾ قانون هڪ بدران ٻه قانون هجن ته پوءِ ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو؟ ڏٺو ويو آهي ته عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي غريب رلي وڃن ٿا. فيصلي جو تڪڙو اڪلاءُ ٿئي ڪونه ٿو. ان جو مقصد ته انهن غريبن جو اشرافيا سان ڪوبه تعلق نه ٿو هجي جنهن جي ڪري فيصلن ۾ ڊيگهه ٿئي ٿي. ملڪ جي سرڪاري ادارن جو جيڪو حال آهي اهو ڪنهن کان به لڪيل ناهي. ڪنهن به جائز ڪم لاءِ عام ماڻهو سرڪاري آفيسن ۾ وڃڻ کان خوف زده ٿئي ٿو. يا وري ان ڪم جي پورائي لاءِ سفارش ڏسي  ٿو.

اسپتالن جي حالت اها آهي جو جيڪڏهن مريض کي تڪليف آهي ته ان جي علاج لاءِ به ڪا سفارش ڏسڻي پوي ٿي. پوليس ۾ ته خدا ڪري ڪنهن جو ڪم نه پوي. عوام قانون جي حاصلات لاءِ ٿاڻي تي ويندي به ڊڄي ٿو ته ڪٿي فريادي کي جوابدار ڄاڻائيندي ان مٿان نه ڪيس داخل ٿي وڃي. ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار هر هنڌ توهان کي نظر ايندا. عام ماڻهوءَ کي ڏاڍو پريشان ڪندا آهن. جڏهن انهن کان سندن مجبوري پڇي ويندي آهي ته جواب ڏيندي چوندا آهن ته اسان جي مجبوري آهي ۽ مختلف حدن جي چيڪنگ جا الڳ ريٽ مقرر ٿيل آهن. يعني ٽريفڪ پوليس ۾ به ٺيڪيداري سسٽم آهي. انهن کي قانون جي پاسداري جي ڪابه پريشاني نه هجي ٿي. انهن کي پريشاني صرف منٿلي پوري ڪرڻ جي هوندي آهي.

آخرڪار اڄ تائين پوليس عوام دوست اعتماد بحال ڇو ڪونه ڪري سگهي آهي؟ ان جو جواب به ساڳيو آهي ته پوليس پاڻ کي عوام دوست ظاهر ڪري ٿي پر جڏهن ٿاڻن تي وڃجي ٿو ته اتي صورتحال ڪجهه ٻئي آهي. ڪنهن جو به ڪنهن تي اعتماد نه رهيو آهي. ملڪ جي سياست هر حد پار ڪري ڇڏي آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جو قدر ناهي. سياستدان ٽي ٽي ڀيرا اقتدار ۾ رهندي عوام لاءِ ڪجهه ناهن ڪري سگهندا وري هڪ ڀيرو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي نفسيات تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهڙا ته واعدا ڪري رهيا آهن ڄڻ ته بس هاڻي ووٽ ڏيڻ سان سندن خواب پورا ٿيندا. پر ووٽ وٺڻ کان پوءِ ٿيڻو ڪجهه ناهي. پنهنجي اقتدار جا مزا ماڻي ملڪ کان ٻاهر نڪري ويندا آهن. ۽ عوام کي دلاسا ڏيندا آهن ته هاڻي قرآن جو قسم کڻي ٿا چئون ته عوام جي قسمت نه پر حالت تبديل ڪري ڇڏينداسين. اسان جي پياري پاڪستان جو نظام به بلڪل ائين هلي رهيو آهي. سزا ملڻ کان پوءِ به طبي بنيادن تي هڪ ڏوهاري کي چار هفتن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. وري چئن هفتن کان پوءِ ان کي چار سالن جي اجازت ملي وڃي ٿي. وري چئن سالن کانپوءِ جڏهن واپس اچي ٿو ته ان جون ضمانتون به ٿيو وڃن. نيب به اچي وڃي ٿي ۽ اها به پنهنجي بيان ۾ چئي ٿي ته هن شخص تي ڪوبه اسان پاران ڪيس داخل ناهي.

وري هاڻي 13 جماعتون گڏجي ان کي ووٽ ڪري ايندڙ ملڪ جو وزيراعظم به بڻايو ويندو ۽ ملڪ جون واڳون ان جي حوالي ڪيون وينديون. جڏهن وري حڪومت جو مدو پورو ٿيندو ته سائين جڏهن ڪابه ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو ته پوءِ الزام انهن تي هڻندو جيڪي هن وقت سندس کي زوري وزارت عظميٰ جي ڪرسي سندس حوالي ڪري رهيا آهن. ان کان بهتر آهي ته انهن الزامن جو سامهون ڪيو وڃي هاڻي کان ئي تبديلي لاءِ سوچ ويچار ڪئي وڃي؟

ائين نه ٿئي جو سڀ ڪجهه برباد ٿي وڃي. ۽ ائين نه ٿئي جو نائب قاصد، چپڙاسي ۽ ڇولا وڪڻندڙ جي اڪائونٽن مان ڪروڙين روپيه نڪري وڃن ۽ ملڪ ڏيوالو ٿي وڃي. ساڳيا ئي ماڻهو 1970 کان وٺي اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اقتدار ۾ رهندي ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن. حالانڪه ايندڙ صورتحال جو اندازو اسٽيبلشمينٽ کي به لڳي رهيو آهي ته ساڳيو ئي ماڻهو آهي جيڪو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ خود اسٽيبلشمينٽ کي ئي اکيون ڏيکاريندو آهي. ڀارت ۾ جمهوريت برقرار آهي هڪ چانهن وڪڻندڙ ملڪ جو ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻيل آهي. جنهن جي وڏڙن جو سياست سان پري پري جو به تعلق ناهي. ته پوءِ ڇا پاڪستان ۾ ائين نٿو ٿي سگهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.