عدالت ٽرمپ کي صدارتي چونڊ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

ڪولوراڊو رياست جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايندڙ سال ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. عدالت ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ سندس ڪردار کي آمريڪي آئين جي بغاوت واري شق جو حوالو ڏنو آھي.

آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڱاري جي شام هڪ اهم فيصلي ۾ چيو آهي ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 6 جنوري تي واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪيپيٽل هل جي عمارت تي حملي ۾ ھن جي ڪردار ادا ڪرڻ تي صدارت جي عھدي تي فائز ٿيڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو.رياستي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياست ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ صدارتي چونڊ نه وڙهي سگھندو.ھن تاريخي فيصلي ۾ چئن ججن فيصلو ٻڌايو آھي ته ٽرمپ صدارتي اميدوار ٿيڻ جي اهل ناهي.

هي پهريون ڀيرو آهي ته آمريڪي آئين جي 14هين ترميم جي سيڪشن ٽي، کي صدارتي اميدوار کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. فيصلي جي مطابق ٽرمپ کي ڪولو راڊو ۾ ايندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي لاءِ بيلٽ پيپر تي موجود ھئڻ کي روڪي ڇڏيو آھي. ججن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو: ”اسان ان نتيجي تي ايترو آساني سان نٿا پهچي سگهون. هن وقت اسان جي سامهون سوالن جي شدت ۽ وزن آھي، اسين ان کي پنھنجي ذهن ۾ رکون ٿا“ججن وڌيڪ لکيو آهي  ته: ” بنا ڪنهن خوف يا حمايت جي قانون کي لاڳو ڪرڻ جو پڪو يقين رکندي پنھنجي فرض کي ذھن ۾ رکون ٿا ۽عوامي ردعمل کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ قانون موجب فيصلو ڪريون ٿا“اڳوڻي صدر ٽرمپ جي ترجمان ڪولو راڊو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ”غير جمهوري“ قرار ڏنو ۽ آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ قدامت پسند ججن جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت آهي.جن مان ڪجھه ججن کي خود رونالڊ ٽرمپ ئي مقرر ڪيو ھو.ٽرمپ جي چونڊ مھم جي ترجمان اسٽيون چيونگ ھڪ بيان ۾ چيو آھي تھ ” ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ مڪمل طور ناقص فيصلو ٻڌايو آھي اسان جلد ئي ان خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين،”ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ٽيم 14هين ترميم جي حوالي ڏيڻ جي  به مذمت ڪندي چيو ته اها لکين ووٽرن کي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جن لاءِ ٽرمپ اولين ترجيح آهي.

واضح رهي ته ٽرمپ آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون صدارتي اميدوار آهي جنهن کي آمريڪي آئين جي گھٽ  استعمال ٿيندڙ شق تحت “ بغاوت تي ڀڙڪائڻ “ ۾ ملوث اھلڪارن کي سرڪاري عھدي نھ سنڀالڻ  جي ڳالھھ ڪئي وئي آھي.فيصلي لاڳو ٿيڻ سان امن جو اثر 5 مارچ تي رياست ۾ ٿيندڙ  ريپبلڪن جي پرائمري چونڊن تي پئجي سگھي ٿو، ان جو نتيجو 5 نومبر جي عام چونڊن دوران ٽرمپ جي موقف تي به اثر وجھي سگھي ٿو.آمريڪا ۾ اڳڪٿي ڪندڙ آزاد حلقا ڪولوراڊو کي ڊيموڪريٽس لاءِ محفوظ سمجهن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ٽرمپ جي قسمت جي فيصلي کانسواءِ ئي صدر جو بائيڊن  اتان ڪامياب ٿيندو.ٽرمپ 2020 ۾ ڪولوراڊو مان 13 سيڪڙو پوائنٽس تان  ھارائجي  ويو ھو ۽ هن کي ايندڙ سال جي صدارتي اليڪشن کٽڻ لاءِ ان  رياست جي ضرورت به ناهي.پر اڳوڻي صدر لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته وڌيڪ رياستن جون عدالتون ۽ چونڊ عملدار ڪولوراڊو جي  ان فيصلي جي پيروي ڪري سگھن ٿا ۽ ٽرمپ لاءِ انھن رياستن مان کٽڻ لازم آھي،جتان ھو چونڊ عمل کان ٻاھر ٿي ويندو.

ياد رهي ته ٽرمپ کي 14هين ترميم جي سيڪشن 3 تحت نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ درجنين ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ان ڪري خطرو آهي ته کيس ٻين رياستن ۾ به اهڙي قسم جي فيصلي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.ھي قانون ڪنهن به اھڙي شخص کي عهدو سنڀالڻ کان روڪي ٿو، جنهن آئين جي ”حمايت“ ڪرڻ جو حلف کنيو هجي ۽ پوءِ ان جي خلاف ” بغاوت تي ڀڙڪائڻ يا بغاوت ۾ ملوث“ ٿيو ھجي. آمريڪي گهرو ويڙهه کانپوءِ ھن قانون کي  ڪيئي ڏھاڪن ۾ رڳو ڪجھه ڀيرا ئي استعمال ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.