شهرن کي ترقي ڏيڻ مشڪل ڪم آهي پر نالا تبديل ڪري ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ آسان ڪم آهي جيڪو ھندستان جي حڪمران جماعت بي جي پي،کي چڱي ريت اچي ٿو. 5 نومبر 2023 تي علي ڳڙهه ميونسپل ڪارپوريشن هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شهر جو نالو علي ڳڙهه مان بدلائي“ هري ڳڙهه“ رکيو وڃي. اهو ٺهراءُ شهر جي ميئر پرشانت سنگھال پيش ڪيو هو، جنهن جو تعلق،حڪمران جماعت بي جي پي، سان آهي، جنهن کي حتمي منظوري لاءِ لکنوءَ جي، بي جي پي حڪومت ڏانهن لکت ۾ موڪليو ويو آهي، اهو مطالبو بي جي پي 2019 کان وٺي ڪري رهي آهي، جڏهن تھ الھه آباد جو نالو بدلائي ”پرياگ راج“ رکيو ويو هو.
علي ڳڙهه تي گذريل 10 سالن کان ،بي جي پي، جي حڪومت آهي. ھندوستان جي اڳوڻي صدر ذاڪر حسين، اڳوڻي نائب صدر حامد انصاري، حسرت موهاني، اداڪار نصير الدين شاهه، گيتڪار ۽ شاعر جاويد اختر جو تعلق علي ڳڙهه سان آهي.
هندستان پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي لڳ ڀڳ 100 کان وڌيڪ علائقن ۽ شهرن جا نالا تبديل ڪيا آهن،جنھن جي پويان شروع ۾مختلف سبب ھئا ۽ اڪثر شهرن جا نالا تبديل ڪرڻ تھ نوآبادياتي نشانين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ھو.
بهرحال انتھاپسند گروھ آرايس ايس ايس،جي ڪک مان جنم ورتل ، بي جي پي، انهن شهرن جا تاريخي نالا به تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.جن جي پويان مسلمان سڃاڻپ آهي. جنهن سبب ڀارت جا سيڪيولر حلقا سخت پريشان ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
سن 2000 کان اڳ فقط اٺن شهرن جا نالا مٽايا ويا هئا، جن مان گھڻا نالا تبديل ڪرڻ جي پويان الفابيٽ جي ترتيب ھئي.
مثال طور جبول پور کي جبل پور، ڪائونپوري کي ڪانپور، بروڊا کي ودودرا، بمبئي کي ممبئي، ڪوچين کي ڪوچي ۽ ڪلڪتھ کي ڪولڪتھ سڏيو ويو، پر بعد ۾ جيڪي نالا تبديل ڪيا ويا انھن جي پويان اصل ۾ ھندوتوا جا نظريا ھئا،جنھن سان شھرن جي مسلمان سڃاڻپ جي بدران هندو سڃاڻپ رائج ڪرڻ چاھيو پئي.
بي جي پي شهرن جا نالا بدلائڻ جي جيڪا ڪوشش شروع ڪئي ھئي اھا ملڪ جي نالي تبديل ڪرڻ تائين وڃي پھتي ۽ ھاڻي بي جي پي،انڊيا جي بدران سرڪاري دستاويزن ۾ لفظ ڀارت استعمال ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته کين ھاڻي اچي خبر پئي آهي ته لفظ انڊيا جي مناسبت تھ انڊس ويلي سان آھي ۽ اهي علائقا هاڻي پاڪستان ۾ اچن ٿا.
ماضيءَ ۾ مدراس کي چنائي، دلتنگ گنج کي مديني نگر، ميسور کي مي سورو، بيجاپور کي ويجياپور، گرگان کي گروگرام، هوشنگ آباد کي نرماد اپورم، اورنگ آباد کي ڇتراپتي سمڀاج نگر، عثمان آباد کي دھر اشيو، گوهاٽي کي گواٺي، گلشن آباد کي ناشڪ. ڀونا کي پوني،ڀوپال کي ڀوج پال، الهه آباد کي پرياگ راج، فيض آباد کي ايوڌيا وغيره سان بدلائڻ ڪجهه مثال آهن. آگرھ جتي تاج محل آھي،ان جو نالو بھ تبديل ڪري اگروان يا اگروال رکڻ جي تجويز آھي.
ٻھ قومي نظرئي جي باني سر سيد احمد خان کي چيو وڃي ٿو، جنهن 1857ع جي آزاديءِ جي جنگ کانپوءِ علي ڳڙهه مسلم ڪاليج جو بنياد رکيو ھو، جيڪا 1920ع ۾ يونيورسٽي بڻجي وئي. هيءُ ادارو مسلم سياست جو محور ثابت ٿيو ۽ اتان ئي تحريڪ پاڪستان پروان چڙھي ، مسلم ليگ جي قيادت ۾ اڪثريت انهن ماڻھن جي هئي،جيڪي ان يونيورسٽي مان پڙهي نڪتا ھئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به پهريون وزيراعظم لياقت علي خان، صدر ايوب خان، چوڌري فضل الاهي، حبيب الله خان مروت، گورنر جنرل غلام محمد، خواجه ناظم الدين، اهي سڀئي عليڳڙهه يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ھئا. قائداعظم به ڪيترائي ڀيرا هتي شاگردن کي خطاب ڪرڻ لاءِ آيو هو. علي ڳڙهه يونيورسٽي جي اها مسلم سڃاڻپ ان وقت کان ھڪ مسئلو بڻيل آھي،جڏھن کان انڊين سياست ۾ انتهاپسندي کي اڀار حاصل ٿيو آهي.
پهرين مطالبو ڪيو ويو ته هتان سر سيد احمد خان ۽ قائداعظم محمد علي جناح جون تصويرون هٽايون وڃن، پوءِ مھم ھلائي وئي تھ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جي نالي مان لفظ مسلم هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان يونيورسٽي جي سيڪيولر سڃاڻپ متاثر ٿئي ٿي.پر سپريم ڪورٽ 2019ع ۾ يونيورسٽي جي نالي تبديل ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. هاڻي علي ڳڙهه جو نالو ئي تبديل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، هندو انتها پسندن پاران شھر جو نالو علي ڳڙھ مان ھري ڳڙھ يا رام ڳڙھ رکڻ جو مطالبو سٺ۽ ستر واري ڏهاڪي کان ڪيو پيو وڃي.