ليزر ذريعي وڊيو کي خلا مان زمين تي موڪلڻ جو ڪامياب تجربو

آمريڪي خلائي اداري ناسا زمين کان هڪ ڪروڙ 90 لک ميل پري موجود اسپيس ڪرافٽ کان هڪ ٻلي جي وڊيو نئين ليزر ٽيڪنالاجي ذريعي اسان جي سياري تي اسٽريم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
15 سيڪنڊن جي ان وديو ۾ Taters نالي ٻلي کي ڏيکاريو ويو هو ۽ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو خلا جي گهرائي مان وڊيو کي ليزر جي ذريعي زمين تي پهچايو ويو.
ان وڊيو کي Psyche نالي اسپيس ڪرافٽ کان هڪ ليزر transceiver ذريعي زمين تي موڪليو ويو.
ڊيٽ اسپيس آپٽيڪل ڪميونيڪيشنز (ڊي ايس او سي) نالي ان ٽيڪنالاجي سان مستقبل ۾ خلابازن کي مريخ ۽ ٻين سيارن جي سفر دوران زمين تي تيز رفتار رابطي ۾ مدد ملندي.
ليزر سان موڪليل وڊيو جي سگنل کي سان ڊياگو ۾ موجود Palomar Observatory ۾ لڳل Hale ٽيلي اسڪوپ موصول ڪيو ۽ پوءِ ناسان جي جيٽ Propulsion ليبارٽري (جي پي ايل) ۾ منتقل ڪيو ويو.

اس بلی کی ویڈیو کو خلا کی گہرائیوں سے زمین پر اسٹریم کیا گیا / فوٹو بشکریہ ناسا
جي پي ايل ۾ ان ٽيڪنالاجي جي پراجيڪٽ مئنيجر Bill Klipstein ٻڌايو ته ان تجربي جو مقصد ڪروڙين ميل پري کان وڊيو ٽرانسميٽ ڪرڻ هو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو تجربو ان ڪري به گھڻو يادگار آهي ڇو جو اسان اسپيس ڪرافٽ جي وڊيو ڊيٽا بدران هڪ وڊيو پاڻ تيار ڪري ان کي زمين تي منتقل ڪيو.
خلا ۾ اسپيس ڪرافٽ سان رابطي لاءِ ريڊيو سگنلز تي ڀاڙيو ويندو آهي جنهن لاءِ زمين تي تمام وڏا انٽينا لڳايا ويندا آهن.
اهو طريقيڪار سٺو ته آهي پر محدود آهي ڇو جو ڪيترائي ڀيري وڏن فائلز جهڙوڪ ايڇ ڊي فوٽوز ۽ وڊيوز کي موڪلڻ ناممڪن ٿي ويندو آهي.
سائنسدانن موجب ليزر ٽيڪنالاجي سان ڊيٽا کي 10 کان 100 ڀيرا وڌيڪ تيز رفتاري سان منتقل ڪرڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو.
ٻليءَ جي الٽرا ايڇ ڊي وڊيو کي زمين تي موڪلڻ ۾ 101 سيڪنڊ لڳا.
ناسا جي ماهرن ٻڌايو ته Palomar Observatory سان جي پي ايل ۾ ان وڊيو کي انٽرنيٽ جي ذريعي منتقل ڪيو ويو، پر ان جي رفتار خلا کان آيل سگنلز کان سست هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.