اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي واهپيدارن لاءِ بُري خبر آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي مهانگائي ڪئي وئي آهي.
نيپرا سڄي ملڪ ۾ بجلي هڪ رپيو 15 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته واهپيدارن کي واڌو ادائيگيون جنوري کان مارچ 2024 تائين ڪرڻيون پونديون، ان سان واهپيدارن تي 22 ارب 29 ڪروڙ 70 لک رپين جو واڌو بار پوندو.
بجلي اگهن ۾ اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.
You might also like