لاهور (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ انٽرا ڪورٽ اپيل تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي هٽائڻ لاءِ انٽرا ڪورٽ اپيل تي جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
بئنچ ٻڌڻي کان معذرت ڪندي فائل ٻيهر چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيو.
اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 15 نومبر تي نگران وزيراعظم جو 90 ڏينهن جو آئيني مدو پورو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ سندس وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ غير قانوني آهي، عدالت نگران وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري.
Prev Post
You might also like