اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مختلف سيونگ اسڪيمن جي منافعي ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي.
اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽ جو مناقعو 18 سيڪڙو مان گهٽائي 16.4 سيڪڙو ڪيو ويو ۽ شارٽ ٽرم سيونگ سرٽيفڪيٽ جو منافعو 21.72 سيڪڙو مان گهٽائي 20.80 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
پينشن بينيفٽ اڪائونٽ، شهيدن جي فيملي جي ويلفيئر اڪائونٽ جو منافعو 16.32 مان گهٽائي 16.08 سيڪڙو ڪيو ويو، اهڙي ريت ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ 16.08 مان گهٽائي 15.12 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽ، سيونگ اڪائونٽ ريٽ جي منافعي ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي.
You might also like