راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ۽ سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ بالر آصف آفريدي هڪ انوکو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو آخري مقابلو راولپنڊي ۾ جاري آهي.
سومر ڏينهن پاڪستان طرفان ليفٽ آرم اسپنر آصف آفريدي کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني وئي، هو 38 سال ۽ 299 ڏينهن جي عمر ۾ پهرين ٽيسٽ کيڏي رهيو آهي.
ان سان گڏ آصف آفريدي 21هين صديءَ ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو بالر بڻجي ويو آهي، جڏهن ته هو پاڪستان جي طرفان ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ ٻيو وڏي عمر وارو رانديگر آهي.
ان کان اڳ ميران بخش 1955ع ۾ 47 سالن جي عمر ۾ پاڪستان جي طرفان ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو.
جيڪڏهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ تي نظر وجهجي ته انگلينڊ جو جيمز سائوٿرٽن 49 سال ۽ 119 ڏينهن جي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو رانديگر آهي.
هن 1877ع ۾ آسٽريليا خلاف پنهنجو پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ۽ آخري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جو راند جي پڄاڻي تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
آصف آفريدي 21 هين صديءَ ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو بالر بڻجي ويو
You might also like