ايمازون ويب سروسز جي بندش، ڪيئي ايپليڪيشنز ۽ ويب سائيٽس متاثر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايمازون ويب سروسز جي بندش ڪيترن ئي ايپليڪيشنن ۽ ويب سائيٽن کي متاثر ڪيو آهي.
ايمازون ويب سروسز ۾ پيدا ٿيل فني خرابي سبب سڄي دنيا ۾ ڪيئي ايپليڪيشنن، جن ۾ سنيپ چيٽ، زوم، ڊيو لينگو، روبلاڪس، ڪينوا ۽ فورٽ نائيٽ شامل آهن، جي خدمتن ۾ خلل پئجي ويو آهي.
ايمازون جو چوڻ آهي ته ان جي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سروس فني مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب ڪيترين ئي ويب سائيٽن ۽ ايپس ۾ خلل پيو آهي.
ڪمپني موجب، ٽيڪنيڪل ماهر ۽ انجنيئر مسئلي کي گهٽائڻ ۽ ان جي بنيادي سبب کي سمجهڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن.
ايمازون ويب سروسز ڇا آهن؟
ايمازون ويب سروسز (اَي ڊبليو ايس) ايمازون جو ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ڊويزن آهي، جيڪو لکين وڏين ڪمپنين جي ويب سائيٽن ۽ پليٽ فارمن کي هوسٽنگ فراهم ڪري ٿو.
توھان جي سمارٽ فون ۾ موجود ڪيئي ايپس اصل ۾ اَي ڊبليو ايس ڊيٽا سينٽرز تي هلن ٿيون، جن ۾ بئنڪن جون ايپس پڻ شامل آهن.
اَي ڊبليو ايس جي بندش سبب متاثر ٿيندڙ ايپليڪيشنن ۽ ويب سائيٽن ۾ شامل آهن انهن ۾ سنيپ چيٽ، زوم، روبلاڪس، ڊيو لينگو، ڪينوا، فورٽ نائيٽ، سگنل، پلي اسٽيشن نيٽورڪ، ڪوائن بيس، سليڪ شامل آهن.
ان کانسواءِ سئينڪن ٻين ايپس ۽ ويب سائيٽون به متاثر ٿيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.