ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ يوريا جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ 50 هزار ٽن درآمدي يوريا سان ڀريل جهاز ڪراچي بندرگاهه پهچي ويو آهي.
امپورٽ ٿيل يوريا جي اچڻ سان ئي مارڪيٽ ۾ يوريا جا اگهه گهٽجڻ شروع ٿي ويا، جڏهن ته يوريا جو ٻيو جهاز 29 ڊسمبر تي ڪراچي پهچندو.
اميد آهي ته سمورا جهاز 20 جنوري کان اڳ ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويندا.
مجموعي طور تي 220,000 ٽن يوريا درآمد ڪئي ويندي، جنهن جي گذريل مهيني اي سي سي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته اها خريداري بين الحکومتي معاهدي تحت ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته مارڪيٽ ۾ يوريا جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي بليڪ مارڪيٽنگ مافيا اگهه وڌائي ڇڏيا هئا پر هاڻي امپورٽ يوريا جي آمد سان هارين کي ڀاڻ جهجهي مقدار ۾ ملندو.