ڀارت ۾ طوفاني برسات، 10 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ طوفاني برساتون جاري آهن جنهن دوران حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 2 ڏينهن کان رياست جي ڏاکڻين ضلعن ۾ شديد برسات رڪارڊ ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري عام زندگي بري طرح متاثر ٿي آهي.
ڀارتي رياست تامل ناڊو جي اختيارين جو چوڻ هو ته ترونل ويلي ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات دوران ڀتيون ڪرن ۽ ڪرنٽ لڳڻ جا واقعا به پيش آيا.
اختيارين موجب توتيڪورن ضلعي جي علائقي ڪيالپٽنم ۾ گذريل 2 ڏينهن ۾ 1186 ملي ميٽر برسات ٿي ۽ تروچندر ۾ 921 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته توتيڪون ضلعي ۾ ڪيترائي ڳوٺ نديءَ جي نڪاري تي موجود آهن جيڪي ٻوڏ سبب متاثر ٿيا.
اختيارين ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ هنگامي صورت مان عوام کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ سامونڊي، هوائي فوج، نيشنل ڊزاسٽر ريسپانس فورس سميت ٻين رياستي ادارن جي تقريبن هڪ هزار 343 اهلڪارن حصو ورتو ، اهلڪارن 160 رليف ڪيمپن ۾ 17 جي ويجهو ماڻهن کي پناهه فراهم ڪئي.
ڀارتي ميڊيا موجب برسات سبب موبائيل نيٽورڪ سروس معطل هجڻ ڪري ريسڪيو جي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش آيو جنهن لاءِ انتظاميا پاران 200 جي ويجهو وائرليس ٽيليفون استعمال ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.